اسلام آباد – 11– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سعودي عرب ايران سفارتي لاڳاپن جي بحالي خطي جي امن جي لاءِ انتهائي اهم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سف??ر نواف بن سعيدالمالڪي سان ملاقات دوران ڪيو جنهن ساڻس پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻ??رف?? لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي ا??مي?? ڏي ٿو. بلاول ڀٽو زرداري ملاقات ۾ سعودي ??يادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن هر مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي سعودي ??يادت جا ٿورا مڃيا.