اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪالعدم تحريڪ طالبان ??اڪ??تان سان ??اڪ??تان جي آئين تحت ڳالهين جي شروعا?? ٿي چڪي آهي، هڪ معاهدي تحت ??اڪ??تان حڪومت ۽ ڪالعدم تحريڪ طالبان ??اڪ??تان مڪمل سيز فائر تي راضي ٿي چڪا آهن، ڳالهين ۾ رياست جي حاڪميت، ملڪي سلامتي، لاڳاپيل علائقن جي امن، معاشرتي ۽ اقتصادي استحڪام کي نظر ۾ رکيو ويندو، افغان اٿارٽيز انهن ڳالهين ۾ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪيو آهي. اها ڳالهه هن تحريڪ طالبان ??اڪ??تان سان ڳالهين جي حوالي سان ڳالهائيندي چئي. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان پهرين آڪٽوبر 2021ع تي پنهنجي انٽرويو ۾ ڪالعدم تحريڪ طالبان ??اڪ??تان ڳالهين جو ذ??ر ڪيو هو، انهن ڳالهين جي شروعا?? ٿي چڪي آهي. هن چيو ته ڪالعدم تحريڪ طالبان ??اڪ??تان سان ڳالهيون آئين ۽ قانون تح?? ٿينديون، ڪا به حڪومت ??اڪ??تان جي آئين ۽ قانون کان ٻاهر ڳالهيون ڪري ئي نه ٿي سگهي. هن چيو ته انهن ڳالهين ۾ رياست جي حاڪميت، ملڪي سلامتي، لاڳاپيل علائقن جي امن، معاشرتي ۽ اقتصادي استحڪام کي نظر ۾ رکيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڳالهين ۾ انهن علائقن جي متاثر ماڻهن کي قطعي طور تي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، انهن علائقن جي ماڻهن کي اعتماد ۾ ورتو پيو وڃي. هن چيو ته ڳالهين جي اڳڀرائي کي سامهون رکندي سيز فائر ۾ توسيع ٿيندي ويندي، انهن ڳالهين ۾ افغانستان جي اٿارٽيز (عبوري حڪومت) سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن يچو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته ??اڪ??تان جا اهي علائقا هڪ ڊگهي عرصي کانپوءِ مڪل امن طرف وڌي رهيا آهن.