اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاناما پيپرز ۽ براڊشيٽ ڪرپٽ مافيا جي ڪاري ڌن کي ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، هي اسان جي دريافت ناهي پر عالمي انڪشاف آهن. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته براڊشيٽ جا واقعا ظاهر ڪن ٿا ته ماضي ?? اين آر او جي ڪري ??لڪ کي ڪيئن ناقابل تلافي نقصان پهتو، هن چيو ته ماضي جي ڪرپٽ حڪمرانن پنهنجا گهر ڀريا ۽ پاڪستان جي عوام کي لُٽيو.