اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان چيو آهي ته آئون چونڊيل و??ير??عظم آهيان ڪنهن جي همت ناهي جو هُو مون کان استعيفا وٺي، نواز شريف خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي جيڪڏهن اسان مخالف ڌر جي بليڪ ميلنگ ۾ آياسين ته نسلون معاف نه ڪنديون، مشن کڻي سياست ۾ آيو آهيان، حڪومت ۽ فوج جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن، مخالف ڌر وٽ ڪوبه اخلاقي جواز ناهي، مخالف ڌر ما?? ٺاهڻ جي لاءِ اقتدار ۾ ايندي آهي، اسان عدليه ۽ نيب تي ڪو به دٻاءُ ناهي وڌو، نيب اسان جي وزيرن کي به گهرايو جنهن تي اعتراض ناهي، نجي ٽي وي چئنل کي پنهنجي خصوصي انٽرويو ۾ هن چيو ته اسان مشڪل حالتن ۾ اقتدار سنڀاليو، معيشت ويٺل هئي، اسان جي خلاف پروپيگنڊا ڪئي وئي، تنقيد ڪئي وئي، صحافين مشڪل وقت ۾ ملڪي مفادن جي تحفظ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو، و??ير??عظم چيو ته ڪجهه ميڊيا هائوسز جو ڪردار سٺو رهيو ۽ ڪجهه جو سٺو نه رهيو، هن چيو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه مون کان پڇي سياستدانن سان گڏجاڻي ڪئي، هن چيو ته فوج منهنجي لاءِ اثاثو آهي، سينيٽ چونڊن ۾ ڪاميابي سان قانونسازي ۾ آساني ٿيندي، و??ير??عظم چيو ته ڀارت نواز شريف جي مدد ڪري رهيو آهي