اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان هر ڳالهه تي ٺاهه ڪري سگهون ٿا پر ڪرپشن تي ڪنهن به صورت ۾ ٺاهه نه ڪنداسين، مخالف ڌر پارٽين جي اڳواڻن جو مفاد پاڪستان ج?? مفاد جي ابتڙ آهي، ايف اي ٽي ايف قانونسازي نه ٿئي ها ??ه ملڪ بليڪ لسٽ ۾ هليو وڃي ها، رپئي تي وڌيڪ دٻاءُ وڌي ها ??ه مهانگائي ۾ اضافو ٿئي ها، موٽروي جهڙي سانحي جي روڪٿام ۽ اهڙن واقعن ۾ ملوث ڏوهارين کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ جي لاءِ قانونسازي ڪنداسين، پي ايم ڊي سي بل جي منظوري سان ميڊيڪل ۽ ڊ??نٽ?? ڪاليجن جو معيار عالمي معيار موجب بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم عمران خان سڀ کان اڳ پنهنجي پارٽي ۽ اتحادين کي خراج تحسين پيش ڪيو.