اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته عالمي برادري ڪشميرين کي انهن جو بنيادي حق ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ??ردار ادا ڪري، مودي جي فاشسٽ حڪومت ڪشميرين کي انهن جي پيدائشي ۽ گڏيل قومن جي مڃيل ريفرنڊم جي حق کان طاقت جي زور تي محروم ڪري رکيو آهي، ڪشميري ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڀارتي ڏاڍ ۽ سازشن جي خلاف جدوجهد ڪري رهيا آهن. اي پي پي کي ڏنل پنهنجي انٽرويو ۾ هن چيو ته ڀارت پاران ڪشمير ۾ غيرانساني س??وڪ ان ڳالهه جو ??هرجائو آهي ته عالمي برادري هاڻي خر??وش جي خواب مان بيدار ٿئي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جو ??ينهن ڪشمير جي تاريخ ۾ هڪ ٻيو ڪارو ترين ڏينهن آهي جڏهن ڀارت ڪشميرين جي خاص حيثيت جو خاتمو ڪيو. معصوم ڪشميرين جو فوجي گهيراءُ، تشدد، بدترين ڪرفيو ۽ ماڻهن جي قتل سان ڪشميرين جون زندگيون بدترين ص??رت??ال ۾ ورتل آهن. هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.