اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان 1124 ميگاواٽ جي ڪوهاله هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي لاءِ تاريخي ٽه ڌرئي مع??هدي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان اڄوڪو ڏينهن اهم آهي، پن بجلي جي منصوبن سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، جڏهن ت?? ان سان صاف ۽ سستي بجلي به ميسر ايندي. هو 1124 ميگاواٽ جي ڪوهاله هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي لاءِ ٽه ڌرئي مع??هدي تي صحيحون ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.