اسلام آباد – 20 مارچ (اي ??ي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪرونا وائرس کان بچاءُ بابت عوامي آگاهي لاءِ سياسي پارٽين ۽ ميڊيا جي مثبت ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته نوجوان مشڪل وقت ۾ ماڻهن ج?? مدد لاءِ تيار ٿي وڃن، ڊاڪٽر ان جدوجهد ۾ اسان ج?? هر اول دستو آهن، مون کي پورو يقين آهي ته قوم ان آزمائش ۾ وڌيڪ مض??وط ٿي اڀرندي، ڪرونا وائرس کان بچاءُ ۽ ان باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجي وڊيو پيغام ۾ صدر چيو ته ڪرونا وائرس سان اسان کي انفرادي ۽ اجتماعي طور تي وڙهڻو آهي، ان مقصد جي لاءِ هن پنهنجي پاران اختيار ڪيل احتياطي تدبيرن ج?? باري ۾ به آگاهي ڏني ۽ چيو ته ملڻ جُلڻ ۾ احتياط ڪيو پنهنجي ه??ن ۽ منهن ج?? صفائي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي.