چورن پاران بي اعتمادي رٿ پوري قوم کي متحد ڪري ڇڏيو آهي، اڄ قوم ۾ 1965ع وارو جذبو آهي: وزيراعظم

image

اسلام آباد – 02 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چورن پاران بي اعتمادي رٿ پوري قوم کي متحد ڪري ڇڏيو آهي، اڄ قوم ۾ 1965ع وارو جذبو آهي، مخالف ڌر جون سموريون ڪوششون جمهوريت ۽ ملڪ جي لاءِ نه آهن پر اين آر او جي لاءِ آهن، جيڪي ماڻهو مشڪل وقت ۾ گڏ بيٺل آهن انهن کي ڪڏهن به نه وساريندس، مسلم ليگ (ن) پنجاب مان هاڻي ڪا اليڪشن کٽي ڏيکاري. هو تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جي مان ۾ منعقد آجياڻي کي خطاب ڪري رهيو هو جنهن ۾ ميمبرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي شاهه محمود قريشي، فيض الله ڪموڪا، عامر ڊوگر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم خطاب ڪندي چيو ته مقابلي جو پهريون اصول اهو آهي ته آخري بال تائين هار ناهي مڃڻي، ڪهڙي خبر ڪپتان سڀاڻي ڇا ڪري ڇڏي. جيئن جيئن ماڻهن کي سمجهه اچڻ شروع ٿي آهي ته بي اعتمادي رٿ جي صورت ۾ عمران خان نه پاڪستان جي خلاف وڏي پئماني تي سازش ٿي آهي. هن چيو ته 35 سالن کان هن ملڪ کي ڦريندڙن آمريڪا سان گڏ هلي اها سازش ڪئي. آئون ڪڏهن به آمريڪا جو مخالف ناهيان رهيو. ان کي مون کان ڪهڙي گلا ٿي سگهي ٿي. مون سياست جي شروعات ڪئي ته اها سوچ ڏٺي ته دنيا جو پنجون وڏو ملڪ ٻين تي دارومدار ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته هتي انهن ماڻهن کي آمريڪا حڪمران ڏسڻ چاهي ٿو جن جا پئسا ٻاهر پيل آهن ۽ اهي ان جي غلامي ڪندا. وزيراعظم چيو ته جهڙي طرح دستاويزي طور تي پاڪستان کي ڌمڪي ڏني وئي ته عمران خان کي هٽائي ڇڏيو ته پاڪستان کي معاف ڪري ڇڏينداسين اهڙو مثال سفارتڪاري ۾ ڪٿي نه ٿو ملي، آمريڪا کي خبر آهي ته عمران خان کي هٽائي ان جي جڳهه تي ڪير ايندو. بي ضمير ماڻهو غيرملڪي غلامي قبول ڪرڻ چاهين ٿا. وزيراعظم چيو ته ضمير فروش هن وقت منهن لڪائيندا ڦري رهيا آهن شڪر آهي انهن کان اسان جي پارٽي پاڪ ٿي، هر بجيٽ جي دوران جڏهن پارٽي اجلاس ٿيندو هو ته آئون مٿي جي سُور جون ٻه گوليون کائي شريڪ ٿيندو هئس، مون کي مسلم ليگ (ن) جي ميمبرن جا پيغام اچي رهيا آهن ته انهن جي گهر وارا انهن جي خلاف ٿي ويا آهن ته اهي سازش جو شڪار ٿي رهيا آهن. هن چيو ته اڄ سوشل ميڊيا جو دور آهي، ڇانگا مانگا جو دور ختم ٿي چڪو آهي. قوم ڏسي ورتو ته ڪهڙي طرح ضمير خريد ڪرڻ جي لاءِ پئسو هلي رهيو آهي، مخالف ڌر مون کان اين آر او گهري رهي هئي، فيٽف قانونسازي دوران به انهن اين آر او گهريو، هر ٽن مهينن کانپوءِ ملڪ ۾ غيريقيني واري صورتحال پيدا ڪئي، انهن جون سڀ ڪوششون جمهوريت ۽ ملڪ جي لاءِ نه پر اين آر او جي لاءِ هيون. وزيراعظم چيو ته مشڪل وقت ۾ نظريي سان گڏ رهندڙ خراج تحسين جا مستحق آهن، هاڻي تحريڪ انصاف اهڙي نظرياتي پارٽي بڻجي چڪي آهي جنهن کي ڪير شڪست نه ٿو ڏئي سگهي. 14 سالا سياسي جدوجهد کانپوءِ مينار پاڪستان جي جلسي سان اسان جي پارٽي اٿي ۽ هاڻي جيڪو جذبو قوم ۾ موجود آهي اهو ناقابل بيان آهي، چورن بي اعتمادي رٿ آڻي پوري قوم کي گڏ ڪري ڇڏيو، اڄ قوم ۾ 1965ع جي جنگ وارو جذبو نظر اچي رهيو آهي، چورن ۽ آمريڪي سازش جي خلاف پوري قوم گڏ آهي. وزيراعظم چيو ته عوام جي حمايت سان هاڻي تحريڪ انصاف شڪست نه ٿي کائي سگهي، خيبرپختونخواهه ۾ بلدياتي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ تحريڪ انصاف 70 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا، هزاره سميت خيبرپختونخواهه مان مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جو صفايو ٿي ويو، جيڪي ماڻهو پنجاب ۾ (ن) ليگ جي ٽڪيٽ وٺڻ جي لاءِ منحرف ٿيا (ن) ليگ کي اهو چئلينج آهي ته اها ڪا اليڪشن کٽي ڏيکاري، انهن کي لاهور ۾ به شڪست ڏينداسين، پنجاب ذوالفقار علي ڀٽو کي اٿاريو جنهن قوم کي خودداري ڏني. هن چيو ته آچر تي سڄي پاڪستان ۾ چورن ۽ غدارن جي خلاف قوم پرامن احتجاج ڪندي. هن چيو ته اڄ مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ جيڪي ماڻهو مون سان گڏ بيٺل آهن آئون انهن کي ڪڏهن به نه وساريندس، ذاتي مفاد ۽ پئسي جي لاءِ پارٽي ۾ شامل ٿيندڙن پاران پارٽي کان عليحدگي تي الله جا شڪرگذار آهيون، تحريڪ انصاف جو سرمايو اهي ماڻهو آهن جيڪي 20، 20 ڪروڙ رپين جي آڇ ٺڪرائي اسان سان گڏ بيٺل آهن. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته عمران خان 25 سالا جدوجهد ۾ لاها چاڙها ڏٺا، جيڪو مقام پاڪستان جي ماڻهن ۾ عمران خان جو آهي ڪنهن ٻئي جو نه آهي. عمران خان جو حوصلو ڪڏهن به ڪمزور نه ٿيو. هن چيو ته جيڪي ماڻهو هتي موجود آهن اهي ڪور گروپ ۽ پارٽي جو اثاثو آهن ۽ اهي ئي ٻيهر توهان کي وزيراعظم بڻائيندا، اهي تحريڪ انصاف جي نظريي جا پاسبان آهن. هي انهن قوتن کي پاش پاش ڪري ڇڏيندا. هن چيو ته اها ئي تحريڪ انصاف آهي. اها سون ۾ تورڻ جي برابر آهي. پنهنجي ۽ پرائي جي سڃاڻپ مشڪل وقت ۾ ٿئي ٿي. هن چيو ته اهي ئي ماڻهو ايندڙ چونڊن ۾ نئين پاڪستان جو تسلسل برقرار رکندا. پي ٽي آءِ جي ميمبر فيض الله ڪموڪا چيو ته سياسي ڪيريئر ۾ عمران خان کان تمام گهڻو ڪجهه سکيو آهي، اڄ کوٽي ۽ کري جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي، اسان سڀ متحد ۽ پنهنجي قائد سان گڏ بيٺل آهيون. منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ليڊر اهو ناهي هوندو جيڪو جوڙ ٽوڙ جو ماهر هوندو آهي ۽ حرام جو پئسو استعمال ڪري ماڻهن جا ضمير خريد ڪندو آهي. هن چيو ته طاقتور اهو هوندو آهي جنهن جو ايمان پڪو هوندو آهي جيڪڏهن ڪنهن کي شڪ هو ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي ذات جي لاءِ نه پر قوم جي لاءِ نڪتو آهي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر
سلاٹس پر مفت اسپن کو کیسے متحرک کریں۔_سلاٹ بونس گیمز_علامتیں_آٹو پلے سلاٹ گیمز_فون سلاٹ گیمز کے ذریعے ادائیگی کریں۔ سلاٹ گیمز کے ساتھ کیسینو_آن لائن کیسینو سلاٹ مشینیں۔_عملی پلے سلاٹس_آٹو پلے سلاٹ گیمز_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں بہترین فطرت پر مبنی سلاٹس_سلاٹ مشین ایپس_Novomatic Slot Machines_افسانوی مخلوق سلاٹ مشینیں_سلاٹ مشین کے جائزے اور درجہ بندی پاکستان کے لیے ٹاپ اردو سلاٹ ایپس_آٹو پلے کی خصوصیات کے ساتھ بہترین سلاٹس_سب سے بڑے سلاٹ جیک پاٹس_مائیکرو گیمنگ سلاٹس_ویڈیو سلاٹس پر جیتنے کا طریقہ NetEnt Slot Games_iOS آلات پر سلاٹ گیمز کھیلیں_فوری جیت کے ساتھ سلاٹس_بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹ مشین_سلاٹ گیمز اسلام آباد میں مقبول ہیں۔ نیٹلر سلاٹس_پاکستان میں موبائل کے لیے مفت سلاٹ گیمز_پاکستان کے لیے آن لائن سلاٹس_گولیاں کے لیے مفت سلاٹ گیمز_ٹاپ ریٹیڈ سلاٹ ایپس بڑے جیک پاٹس کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_فوری کھیلنے کے اختیارات کے ساتھ سلاٹ گیمز_اردو میں کیسینو سلاٹس_پاکستانی کھلاڑیوں کے لیے آن لائن سلاٹ ٹورنامنٹ_ٹاپ سلاٹ گیم فورمز ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پلےٹیک سلاٹس_سلاٹ مشین_سلاٹ مشین کی ادائیگیوں کو محفوظ بنائیں_آئی فون پر سلاٹ گیمز ہائی لمیٹ سلاٹ مشینیں۔_سمندری ڈاکو سلاٹ مشینیں۔_فوری جیت سلاٹ مشینیں_کیسینو سلاٹ گیمز فیڈ بیک_ایک سے زیادہ بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس