اسلام آباد – 14 جون (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ٽارگيٽيڊ سبسڊي جي نئين نظام کي جلد حتمي شڪل ڏني وڃي، ان جي ڪري ڪمزور طبقن کي بنيا??ي ضروري شين جي خريداري ۾ مالي مدد فراهم ڪئي ويندي، حڪومت ان حوالي سان سمورا مالي وسيلا فراهم ڪندي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم عمران خان جي صدارت ۾ معاشري جي ڪمزور طبقن کي حڪومت پاران سبسڊي فراهم ڪرڻ جي حوالي سان متعارف ڪرايل نئين نظام تي بريفنگ ڏني وئي.