اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) پا??ستان ۽ ڪويت تعليم، صحت، واپار ۽ معيشت ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل مفاد ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي ۽ ڪويتي پرڏيهي وزير شيخ ڊاڪٽر احمد نصير المحمد الاحمد الجابر الصباح جي ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ٿيو. ايوان صدر مان جاري بيان موجب پا??ستان ۽ ڪويت تعليم، صحت، واپار ۽ معيشت ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، ٻنهي ڀائر ملڪن گڏيل فائدي لاءِ ٻه طرفي لاڳاپن ۾ وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو ته پا??ستان ڪويت سان خوشگوار ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو. پا??ستان ڀائر ملڪ ڪويت سان لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو، هن چيو ته تعليم، صحت ۽ سائنس جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي صلاحيت موجود آهي، پا??ستان ڪويت کي هنرمند افرادي قوت ۽ ٻين پيشيوراڻي ماڻهو مهيا ڪري سگهي ٿو، هن چيو ته پا??ستان ڪويت کي فوجي اهلڪارن کي پنهنجي فوجي تربيتي اد??رن ۾ تربيت فراهم ڪري سگهي ٿو.