اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ا??لام آباد سيڪيورٽي ڊائيلاگ ۽ 100 کان وڌيڪ ٿنڪ ٽينڪس ۽ يونيورسٽين ??ي پاليسي سازي جي عمل ۾ شريڪ ڪرڻ جي لاءِ قومي سلامتي ڊويزن ۽ ايڊوائيزري پورٽل جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد سيڪيورٽي ڊائيلاگ جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان اقتصادي خوشحالي ۽ عوامي ڀلائي ۽ ترقي جي قومي ويزن تي عمل پيرا آهي، وزيراعظم چيو ته سلامتي جي گهرج آهي ته اسان پاڪستان جي عام شهرين ??ي محفوظ بڻايون ۽ کي?? زندگي جون ضرورتون فراهم ڪيون وڃن.