ساهيوال – 29 – جنوري (اي پي پي) و??ير????ظم عمران خان ساهيوال ۾ صحت، صاف پاڻي جي فراهمي ۽ ٻين ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. ڪالهه جمعي ڏينهن و??ير????ظم ميڊيا آفيس پاران جاري ??يان موجب و??ير????ظم ڊسٽرڪٽ هيدڪوارٽر اسپتال ساهيوال ۾ عالمي معيار جي ڪارڊيالاجي ۽ ڪارڊيڪ سرجري ??لاڪ جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکيو. نئين بلاڪ جي تعمير سان ساهيوال جي ماڻهن کي مقامي سطح تي عالمي معيار جي علاج جي سهولت ملي سگهندي. ان کانسواءِ و??ير????ظم عمران خان سالڊ ويسٽ سيگريگيشن، ٽريٽمينٽ ڊسپوزل منصوبي جو افتتاح ڪيو. ان منصوبي تحت ڪچرو گڏ ڪرڻ کانپوءِ ??ن کي مختلف درجن ۾ ورهائي بهتر طريقي سان تلف ڪري ??گهبو، ان سان گڏوگڏ هن ساهيوال ۾ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ اڪيڊمي جو پڻ پيڙهه جو پٿر رکيو. ان کانسواءِ و??ير????ظم پاڪپتن ۾ بابا فريدالدين گنج شڪر جي دربار ويجهو قائم ڪيل لنگرخاني ”سرائي قطب“ جو پڻ افتتاح ڪيو. هن ان موقعي تي ساهيوال ۾ پنجاب انٽرميڊيئٽ سٽيز امپروومينٽ انويسٽمينٽ پروگرام تحت صاف پاڻي، پاڻي جي نيڪالي ۽ ماحولياتي درستگي، پارڪس جي تعمير جي لاءِ 18 ارب رپين جي ماليت جي منصوبن جو پڻ پيڙهه جو پٿر رکيو.