اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان تعميراتي ش??ب?? جي لاءِ وڌيڪ مراعتن جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ اربين روپين جا تعيمراتي منصوبا شروع ٿي چڪا آهن، ان سان ملڪ ۾ روزگار جا موقعا ميسر ايندا ۽ عام ماڻهو پنهنجي گهر جو مالڪ بڻجي سگهندو، پاڪستان تعميرات جي ش??بي کي ان وقت کنيو جڏهن سڄي دنيا ۾ لاڪ ڊائون جي ڪري اقتصادي صورتحال ابتڙ هئي، وڏن شهرن جي لاءِ نوان ماس??ر پلان ٺاهيا پيا وڃن، ان سان شهري سهولتن جي فراهمي ۾ بهتري ايندي، تعميراتي ش??ب?? جي لاءِ فڪس ٽيڪس رجيم ۾ هڪ سال جي توسيع ڪئي وئي آهي. هتي ملڪ ۾ تعميراتي ش??ب?? جي لاءِ وڌيڪ مراعتن جو اعلان ڪندي وزيراعظم چيو ته پنجاب ۾ 163 ارب روپين جا تعميراتي ش??با شروع ٿي چڪا آهن، تعميراتي ش??ب?? جي فروغ سان پنجاب ۾ 15 سئو ارب روپين جون اقتصادي سرگرميون شروع ٿينديون، انهن منصوبن سان روزگار جا اڍائي لک موقعا پيدا ٿيندا. پنجاب ، خيبرپختونخوا، بلوچستان ۽ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ تعميراتي ش??بو حڪومتي مراعتن مان فائدو وٺي رهيو آهي، گهٽ آمدني وارن طبقن کي انهن منصوبن سان رهائشي سهولتون ميسر اينديون، تعميراتي ش??ب?? جي فروغ ۽ گهرن جي لاءِ فنانسنگ جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي بئنڪون گهرن جي تعمير ۽ تعميراتي منصوبن لاءِ فنانسنگ ڪري رهيون آهن.