اسلام آباد – 13 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لن??هه سي پيڪ علائقائي ر??بطن کي فروغ ڏيڻ جو هڪ ذريعو آهي، سي پيڪ نه رڳو پاڪستان پر پوري وچ ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ رابطن کي اڳتي وڌائيندو، ان منصوبي سان چين ۽ پاڪستان کانسواءِ ايران، افغانستان، ڀارت، وچ ايشيائي رياستن ۽ خطي جا ٻيا ملڪ به لاڀ پرائيندا، پاڪستان خطي ۾ امن، ترقي ۽ معاشي استحڪام جو خواهشمند آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن اقتصادي ر??هداري بابت پارلياماني ڪميٽي جي اهتمام هيٺ سي پيڪ جي حوالي سان منعقد بحث مباحثي جي افت??اح?? تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، بحث مباحثي جو عنوان سي پيڪ تحت سيڙپڪاري، واپار ۽ عوامي ر??بطن کي فروغ ڏيڻ ۾ پارليامينٽ جو ڪردار آهي.