اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر ثان??ه نشتر اسلام آباد جي علائقي برما ٽائون ۾ احساس ويمن ايمپاورمنٽ ??ينٽر (ڊبليو اي سي) جو دورو ڪيو، دوري دوران ڊاڪٽر نشتر مستحق باصلاحيت ڇوڪرين ۽ عورتن سان ملاقات ڪ??ي جنهن کي ڪمپيوٽر لرننگ، بيوٽيشن، لباس جي ڊزائين ۽ تياري ۽ هٿ ۽ مشيني ڪڙاهي جهڙا اسڪلز ٽريننگ ڪورسز ڪرايا پيا وڃن. هن ڇوڪرين جا خدشا ۽ تجويزون ٻڌيون، دوري دوران غربت جي خاتمي واري سيڪريٽري ۽ پاڪستان بيت المال جو مينيجنگ ڊائريڪٽر به ساڻس گڏ هئا.