اسلام آباد – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سيرت النبي جي روشني ۾ پاڪستان ج?? تعليم?? نظام جو نئين سر جائزو وٺڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته تعليم?? نظام ڪردارسازي، فني ترقي، روحاني ۽ اخلاقي قدرن ۽ صلاحيتن کي نکارڻ تي ڌيان ڏيڻ واري گهڻ رخي موقف تي ٻڌل هجڻ گهرجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار عيد ميلادالنبي ﷺ جي سلسلي ۾ منعقد سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي اهتمام هيٺ منعقد ان ڪانفرنس جو موضوع ”رياست?? تعليم?? نظام، رسول الله ﷺ ج?? تعليم جي روشني ۾“ چونڊيو ويو هو، جنهن ۾ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، مذهبي معاملن واري وفاقي سيڪريٽري ذوالفقار حيدر کانسواءِ مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ عالم سڳورن، سفارتڪارن، منصفين ۽ محققن شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته تعليم جو مقصد رڳو مادي ڪاميابي نه آهي پر روحاني واڌويجهه ۽ صلاحيتن کي نکارڻ جي لاءِ معاشري جي ڀلائي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو هوندو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ تعليم ج?? نظام کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. تعليمي ادارا ته موجود آهن پر تربيت جي کوٽ آهي. ان ڳالهه جي سخت ضرورت آهي ته تعليم?? نظام جو نئين سر جائزو ورتو وڃي ۽ ان کي سيرت النبي ﷺ جي روشني ۾ جوڙيو وڃي ته جيئن اسان جون نسلون نه رڳو علم حاصل ڪري سگهن پر ??نه?? جي تربيت به اسلامي اصولن موجب ٿئي. هن مذهبي معاملن واري وفاقي وزير کي تجويز ڏني ته هو اسلام?? تعليم جي روشني ۾ ۽ عالم سڳورن جي تجويزن کي شامل ڪر?? تعليم واري وزارت سان گڏجي ان جو جائزو وٺي ۽ ضروري سڌارا ڪري. اسلام ۾ تعليم جي اهميت تي روشني وجهندي هن پهرين نازل ٿيندڙ قرآني آيت ”پڙهو پنهنجي رب جي نالي سان جنهن پيدا ڪيو“ ۽ نبي ڪريم ﷺ جي ڪيترين ئي حديثن جو حوالو ڏنو. هن چيو ته تعليم ماڻهن جي ڀلائي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. علم انسان کي سٺي ۽ خراب ۾ تميز ڪرڻ جي قابل بڻائي ٿو. هن چيو ته اسلام هر مسلمان تي علم حاصل ڪرڻ فرض ڪيو آهي ۽ ان ڏس ۾ رياست وسيلا فراهم ڪرڻ جي ذميوار آهي. هن چيو ته تعليم جي ذريعي انسان پنهنجي خدا طرفان ڏنل صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻي ٿو ۽ معاشري جي واڌويجهه ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري ٿو. اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته اسان جا تعليمي ادارا نه رڳو دنياوي علم ۾ وڌن پر ??نه?? ۾ اسلامي اخلاقيات ۽ روحانيت جو پڻ اهم ڪردار هجي. اسحاق ڊار سوشل ميڊيا ۽ ٻيا جديد مواصلاتي ذريعا متعارف ٿيڻ کانپوءِ معاشري خاص طور تي نوجوان نسل جي اخلاق تي ان جي منفي اثرن تي ڳالهائيندي چيو ته عالم سڳورن، تعليمي ماهرن ۽ اسان سڀني جي ذميواري آهي ته ان صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ نوجوان نسل جي اخلاق کي سنوارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. هن چيو ته سماجي انصاف اسلام?? تعليم?? نظام جو هڪ اهم جز آهي، ان لاءِ اسان ج?? تعليم?? نظام کي ??نه?? قدرن کي فروغ ڏيڻ گهرجي ۽ شاگردن کي مستقبل جا اڳواڻ بڻجڻ جي لاءِ پرواه چاڙهڻ گهرجي. محمد اسحاق ڊار ملڪ ۾ مذهبي ۽ موجوده تعليم?? نظام جي وچ ۾ ورڇ تي پڻ روشني وجهندي چيو ته اسان هڪ متحد ۽ ٺوس تعليم?? نظا?? تحت دين ۽ دنيا ٻنهي علمن جي بهتر تعليم ڏئي سگهون ٿا. هن پاڪستان کي معاشي طاقت بڻائڻ جي ڪوششن تي زور ڏيڻ سان گڏوگڏ جديد فن?? تعليم سان ان فرق کي پورو ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم نبي ڪريم ﷺ جي حيات طيبه ۽ تعليم تي مختلف ڪيٽيگريز ۾ ڪتابن جي بهترين ليکڪن سان گڏوگڏ حمد ۽ نعت ۽ ڪانفرنس جي موضوع جي مناسبت سان مقالن تي انعام پڻ ورهايا.