اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) مواصلات واري و??ارت ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي پبلڪ پروڪيورمنٽ رول -5 موجب اين 45 جي ڪالڪا تائين چترال شاهراهه منصوبي جي سول ورڪس جي خري??ار?? جو عمل اڳتي وڌائڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي، اجلاس ۾ مالي سال 16-2015ع دوران ڪڻڪ جي سبسڊي اسڪيمن جي 238.42 ملين روپين جي رهتن جي ادائيگي لاءِ وزارت کي دستياب بجيٽ ذريعي فنڊن جو بندوبست ڪرڻ ۽ ڊگهي عرصي کان التوا جو شڪار ڪليمز کي اڪلائڻ جي هدايت به ڪئي و??ي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي و??ري وفاقي و??ير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي و??ير احد خان چيمه، واپار واري وفاقي و??ير ڄام ڪمال خان، بجلي و??ري وفاقي و??ير سردار اويس احمد خان ل??ار??، پيٽروليم واري وفاقي و??ير مصدق مسعود ملڪ، رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي و??ير احسن اقبل، نجڪاري ۽ سيڙپڪاري و??ري وفاقي و??ير عبدالعليم خان، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي و??ير راڻا تنوير حسين، ناڻي و??ري مملڪتي و??ير علي پرويز ملڪ، پلاننگ ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ايس اي سي پي جو چيئرمين، وفاقي سيڪريٽرين، لاڳاپيل وزارتن ۽ ڊويزنن جي سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نيشنل هاءِ وي اين 45 جي ڪالڪا-چترال 48 ڪلوميٽر (سيڪشن 3) روڊ منصوبي جي سول ورڪس جي خري??ار?? بابت مواصلات واري و??ارت جي سمري جو جائزو ورتو ويو. اي سي سي، مواصلات واري و??ارت ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي پبلڪ پروڪيورمنٽ رول -5 موجب سول ورڪس جي خري??ار?? جو عمل اڳتي وڌائڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو، اجلاس ۾ مالي سال 16-2015ع دوران قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري و??ارت جي ڪڻڪ جي سبسڊي اسڪيمن جي 238.42 ملين روپيا رهتن بابت سمري جو جائزو ورتو ويو. اي سي سي سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي سفارشن کي نظر ۾ رکندي و??ارت کي دستياب بجيٽ ذريعي فنڊن جو بندوبست ڪرڻ ۽ ڊگهي عرصي کان التوا ۾ پيل ڪليمز کي اڪلائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ طرفان ملازمن کي پگهارن ۽ پينشن جي ادائيگي جي قابل بڻائڻ لاءِ پاڪستان سينٽرل ڪاٽن ڪميٽي (پي سي سي سي) کي 656 ملين روپين جي رقم جي فراهمي بابت سمري جو جائزو ورتو ويو. اي سي سي اهو معاملو رائٽ سائزنگ بابت ڪابينا ڪميٽي ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اجلاس ۾ گئس جي فراهمي جي ترجيحي آرڊر ۾ تبديلي جي حوالي سان توانائي و??ري و??ارت جي سمري جو جائزو ورتو ويو. اي سي سي گهريلو ۽ واپاري شعبن سان گڏوگڏ صنعتي عمل لاءِ گئس جي استعمال کي پهرين ترجيح ۾ رکي موجوده گئس مختص ڪرڻ جي ترجيح ۾ ترميم ڪرڻ جي تجويز جي منظوري ڏني. ڪيپٽيو پاور استعمال ڪندڙ صنعتن کي گئس جي استعمال کي ڪمپريسڊ نيچرل گئس (سي اين جي) سان گهٽ ترجيح جي درجابندي ۾ شامل ڪيو ويو.