اسلام آباد -09 سيپٽمبر (اي پي پي) چين ۾ توانائي بابت سينئر ايڊوائيزر ۽ سي پيڪ پراجيڪٽ جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ڊ??ڪٽر حسن داد بٽ چيو آهي، ته سي پيڪ تحت پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ٻه طرفا لاڳاپا برابري جي بنياد تي ٻڌل آهن. هن گذريل ڏينهن اي پي پي سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته دنيا جي حالتن کان قطع نظر ٻنهي م??ڪن وچ ۾ ٻه طرفا لاڳاپا انتهائي مضبوط ۽ خوشگوار رهيا آهن ۽ ٻنهي م??ڪن جي خواهش آهي، ته هڪ ٻئي کي مضبوط ڪيو وڃي. خيبر پختونخوا سيڙپڪاري بورڊ جي اڳوڻي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر حسن داد بٽ چيو ته سي پيڪ تحت پاڪستان ۾ ڊگهي ۽ وچولي مد?? وارن منصوبن تي اڏاوتي ڪم تيزي سان جاري آهي جڏهن ته ٻنهي م??ڪن سي پيڪ تحت هڪ ٻئي جي تجربن مان تمام گهڻو فائدو حاصل ڪيو آهي. هن چيو ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ سي پيڪ جا ثمر سامهون ايندا، ڇو ته سي پيڪ جو مقصد اهو ئي آهي ته ٻئي م??ڪ معاشي طور تي مضبوط ٿين ۽ علائقائي سطح تي هڪ ٻئي سان ڳنڍجن. هن چيو ته ٻنهي م??ڪن جا سفارتي لاڳاپا اهم سنگ ميل جي حيثيت رکن ٿا. هن چيو ته ٻنهي م??ڪن جا معاشي لاڳاپا مضبوط ٿي رهيا آهن ۽ ٻه طرفا عوامي رابطن کي پڻ هٿي م??ي رهي آهي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي ڪارڪردگي، پيداواري صلاحيت ۽ نظم ۽ ضبط کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سي پيڪ جو منصوبو 2030ع تائين جاري رهندو، جنهن جي پهرين مرحلي ۾ بنيادي ڍانچي جي تعمير ۽ توانائي جي م??صوبن تي ڪم ڪيو ويو جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ زراعت ۽ سماجي ڀلائي کان علاوه مختلف اقتصادي زونز جي تعمير تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته سي پيڪ تحت سڄي م??ڪ ۾ اقتصادي زونز جي تعمير 2025ع تائين مڪمل ڪئي ويندي. هن چيو ته سي پيڪ تحت علائقائي رابطن تي ڪم جاري آهي ۽ ان حوالي سان افغانستان تي به ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته 70 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني سي پيڪ جي مختلف منصوبن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن جن جي مڪمل ٿيڻ سان سڄي م??ڪ ۾ نوڪرين جا وڌيڪ موقعا پيدا ٿيندا.