اسلام آباد – 29 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ان ڳا??هه جو ورجاءُ ڪيو آهي ته پاڪستان ??ول?? مشترڪه سان رابطي، تعليم، نوجوانن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ ڪلائميٽ ريزيلينس جي ايجنڊا کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. نائب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار هن ??ول?? مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ سان ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان 21 هين صديءَ جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ??ول?? مشترڪه کي مضبوط ۽ جديد بڻائڻ جي قدمن جي حمايت جي لاءِ پرعزم رهڻ سان گڏوگڏ ميمبر ملڪن جي وچ ۾ فعال ڪردار ا??ا ڪندو رهندو. هن سيڪريٽري جنرل جي تنظيم جي قدرن ۽ مشن کي فروغ ڏيڻ ۽ موقف کي جديد بڻائڻ ۾ ان جي ڪردار کي ساراهيو. نائب وزيراعظم ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان جي مدد ڪرڻ کانسواءِ تعليم، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ، صلاحيت سازي ۽ ڪلائميٽ ريزيلينس ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ ان جي ڪردار کي ساراهيو. هن ??ول?? مشترڪه جي ڪردار تي زور ڏيندي چيو ته هو ميمبر ملڪن جي وچ ۾ پراڻي تڪرارن کي حل ڪري ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي لاءِ دٻاءُ وجهي. نائب وزيراعظم چيو ته علائقائي رابطن جي ايجنڊا بابت پاڪستان جو ويزن ??ول?? مشترڪه سان هڪ جهڙائي رکي ٿو. هن تعليم، هنر، نوجوانن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ، صحت ۽ ماحوليات جي تحفظ ۾ هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ تعاون جي وسيع موقعن جو پڻ ذڪر ڪيو. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ??ول?? مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل کي ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف آڪٽوبر ۾ ”اپياساموآ“ ۾ ٿيندڙ ??ول?? مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت جا منتظر آهن. هن چيو ته سيپٽمبر ۾ ??ول?? مشترڪه جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس جي موقعي تي هو شريڪ هم منصبن سان ڳا??هه ٻو??هه ڪندو. ان موقعي تي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ پاڪستان پاران ??ول?? مشترڪه جي مسلسل حمايت کي ساراهيو. هن چيو ته هو 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان جو دورو ڪري رهي آهي ته جيئن هو اهو ڏسي سگهي ته پاڪستان ڪيئن ٻيهر اٿي بيـٺو آهي جنهن 33 ملين کان وڌيڪ پاڪستانين کي متاثر ڪيو ۽ ان مان 20 لک گهرن ۽ روزگار کان محروم ڪري ڇڏيو. ??ول?? مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ ??ول?? مشترڪه جي اصولن جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان جي 30 سالن کان گهٽ عمر جي 65 سيڪڙو آبادي نه رڳو مستقبل جي قيادت هوندي بلڪه ??ول?? مشترڪه کي هڪ بهتر مستقبل بڻائڻ ۾ پڻ مدد ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ڳا??هه ٻو??هه ذريعي امن ۽ ترقي جهڙن قدرن کي برقرار رکي ٿو بلڪه آزادي ۽ خودمختياري جو احترام ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان ??ول?? مشترڪه کي اهم مسئلن تي اتفاق راءِ پي??ا ڪرڻ جي لاءِ هڪ فورم طور ڏسي ٿو. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ سان پاڻ کي واپار جي لاءِ هڪ علائقائي مرڪز طور تصور ڪيو آهي ڇو ته علائقائي رابطا نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا پي??ا ڪندو ۽ تعاون جي لاءِ حالتون پي??ا ڪندو. هن سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ جي 2030ع تائين انٽرا ڪامن ويلٿ واپار کي 2 ٽريلين ڊالر تائين وڌائڻ جي ويزن کي پڻ ساراهيو. ??ول?? مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل چيو ته ??ول?? مشترڪه ۾ 2.7 ارب ماڻهو يا دنيا جو ٽيُون حصو شامل آهي، ??ول?? مشترڪه جي رياستن سان واپار ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ وڌيڪ تيز، سستو ۽ آسان آهي. ??ول?? مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ سرڪاري دعوت تي پاڪستان جو پنج ڏينهن جو دورو ڪري رهي آهي.