اسلام آباد -22 جولاءِ (اي پي پي) او آءِ سي جي 25 هين عالمي آبي وسيلن، توانائي، خوراڪ ۽ ماحولياتي تبديلي بابت ڪانفرنس اڪ??ڊمي آف سائنسز اسلام آباد ۾ شروع ٿي وئي. عالمي اسلامڪ اڪ??ڊمي آف سائنسز جي صدر سميت 12 ملڪن جا سائنسدان ۽ ??حق??ق ڪندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن. اسلام آباد سائنس اڪ??ڊمي ۾ عالمي ڪانفرنس ورلڊ اسلامڪ اڪ??ڊمي جي سهڪار سان منعقد ڪئي پئي وڃي. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، سينيٽر شيري رحمان، ايس اي سي چيئرمين ۽ سينئر سائنسدان ڊاڪٽر عطا الرحمان به ڪانفرنس ۾ شريڪ آهن. بنگلاديش، ملائيشيا، اردن، لبنان سميت ٻين ملڪن جا نمائندا به ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن.اسلامڪ ورلڊ اڪ??ڊمي آف سائنس جي صدر پروفريسر عدنان باردن به ڪانفرنس کي خطاب ڪيو، جڏهن ته پاڪستاني سائنسدان ۽ ??حق??ق ڪندڙ به ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا. سينيٽر شيري رحمان صدر مملڪت جي نمائندگي ڪندي ا??تت??حي خطاب ڪيو. هن صدر مملڪت آصف علي زرداري جو پيغام پڙ??ي ٻڌايو. هن چيو ته برساتن کان علاوه اسان ٻين ماحولياتي تبديلين جي بحرانن کي منهن ڏئي رهيا آهيون. علائقائي ادارن جي صلاحيت کي وڌائڻو پوندو ته جيئن هو آفت کي روڪي سگهن. پاڪستان جي ماحولياتي چئلينجز کي نظر ۾ رکندي اسان کي رزيليئنس جي نئين سري سان وضاحت ڪرڻي پوندي. هن چيو ته صرف انفراسٽرڪچر ئي رزيلئنس ناهي اسان کي رزيلينس ۾ مقامي ماڻهن ۽ آبادين کي شامل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي جي سمورن لاڳاپيل ادارن کي پاڻ ۾ رابطن ۽ گڏيل حڪمت عملي سان چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو. زمين اندر پاڻي جي سطح کي وڌائي پاڻي جي کوٽ کي پورو ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان اسان موسمياتي تبديلي جي نقصانن تي ضابطو آڻي سگهون ٿا.