اسلام آباد – 20 جولاءِ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر ۽ پاڪستان ڪاڪس جي باني ۽ شريڪ چيئرپرسن شيلا جيڪسن لي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو. ايوان صدر پريس ونگ مان جاري ڪيل بيان ۾ صدر مملڪت آنجهاني ڪانگريس وومن جي گهرڀاتين ۽ دوستن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته شيلا جيڪسن لي هڪ قابل ذڪر اڳواڻ ??ئي، شيلا جيڪسن عورتن ۽ ٻارن سميت انساني ??قن لاءِ آواز بلند ڪيو. پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپا مضبوظ بڻائڻ لاءِ شيلا جيڪسن جي ڪردار کي هميشه ياد رکيو ويندو. صدر مملڪت چيو ته پاڪستان ۾ 2022ع جي تباهه ڪن ٻوڏ دوران هن جون ڪوششون وسارڻ جوڳيون ناهن، ٻوڏ جي م??ڪل گهڙي ۾ هن جي م??د سان ٻوڏ متاثر خاندانن کي اميد ۽ رليف مليو.