اسلام آباد-18 جولاءِ (اي پي پي) قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جون خبرون درست ناهن، آئين ۾ ترميم جو اختيار پ??رل??امينٽ وٽ آهي، بي اعتمادي رٿ پيش ??يڻ باوجود اسيمبلين جو تحليل ??يڻ آئين جي خلاف ورزي هئي، تحريڪ انصاف جي اڳواڻن تي آرٽيڪل 6 پختو ڪيس آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ايڊهاڪ ججن جي مقررين جي آئين اجازت ڏي ٿو، منهنجي راءِ ۾ ايڊهاڪ جج مقرر ??يڻ گهرجن. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جون خبرون صحيح ناهن، پينشن بل وڌيڪ هجڻ سبب سرڪاري ملازمن جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي بحث جنم ورتو آهي، اپريل جي آخر يا مئي جي شروعات ۾ چيف جسٽس کان جڊيشل ڪميشن جي حوالي سان ملاقات ٿي هئي، چيف جسٽس چيو ته ملازمت جي مدي ۾ واڌ ۾ دلچسپي ناهي. قانون واري وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻن تي آرٽيڪل 6 جو پڪو ??يس آهي، بي اعتمادي جي رٿ جي موجودگي ۾ اسيمبليو?? ختم ڪري تحريڪ انصاف آئين جي خلاف ورزي ڪئي. هن چيو ته آرٽيڪل 6 جي حوالي سان پ??رل??امينٽ ۾ بحث ٿي سگهي ٿو. گذريل سال پي ٽي آءِ تي پابندي نه لڳائڻ جو فيصلو سياسي ماحول کي برقرار رکڻ لاءِ ڪيو هو. پي ٽي آءِ اڳواڻن تي آرٽيڪل 6 لڳائڻ جو معاملو پ??رل??امينٽ ۾ آڻي سگهجي ٿو. تحريڪ انصاف بي اعتمادي رٿ تي اجلاس طلب نه ڪري رهي هئي، هن چيو ته آئين ۾ ترميم جو اختيار پ??رل??امينٽ وٽ آهي.