اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ۾ ملڪ ۾ گڏيل احترام ۽ سياسي مفاهمت جي فضا کي ف??وغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سورهين قومي اسيمبلي جي پهرين پارلياماني سال جي شروعات جي موقعي تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي پنهنجي خطاب ۾ صدر چيو ته قائدين جي ويزن موجب گڏيل احترام ۽ سياسي مفاهمت جي فضا کي ف??وغ ڏئي سگهجي ٿو، ملڪ کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ناممڪن نه آهي، ملڪي مسئلن جي حل لاءِ بامعنيٰ ڳالهيون ۽ پارلياماني ات??اق راءِ گهربل آهي.