اسلا?? آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان اسرا??يل جي قابض فوج جي هٿان خميس ڏينهن معصوم فلسطينين جي قتل عام جي سخت مذمت ڪئي آهي جيڪي غزه ۾ حياتي بچائيندڙ امداد ۽ خوراڪ جي پهچ جا منتظر هئا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چي?? ته اهو قتل عام تهذيب ۽ عالمي انساني قانون جي خلاف ورزي ۽ اسرا??يل پاران وڏي پئماني تي فاقه ڪ??ي جي ڄاڻي واڻي ۽ غيرانساني پاليسي جي واضح بي توقيري کي ظاهر ڪري ٿو. هن چي?? ته پاڪستان فوري جنگبندي، غيرانساني گهيراءُ ختم ڪرڻ ۽ غزه جي ماڻهن تائين انساني امداد جي بنا رڪاوٽ پهچ جي مطالبي جو ورجاءُ ڪري ٿو. ترجمان چي?? ته اسرا??يل کي انسانيت جي خلاف پنهنجي ڏوهن جي لاءِ پڻ انصاف کي منهن ڏيڻ گهرجي جيڪي فلسطيني عوام جي خلاف ڇوٽ سان ڪيا پيا وڃن.