اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ مسلم ليگ (ن) اسلام آباد جي ضلعي صدر راجا وقار ممتاز جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ??ظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن راجا وقار ممتاز جي گهرڀاتين سان تعزيت جو ??ظهار ڪندي چيو ته راجا وقار ممتاز مسلم ليگ (ن) جو مخلص ۽ پرعزم ڪارڪن هو. سندس لاڏاڻي سان مسلم ليگ (ن) کي وڏو نقصان پهتو آهي. هن چيو ته مرحوم جي پار??ي لاءِ اڻٿڪ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم ??ي مغفرت ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.