اسلام آباد -10 مارچ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن ص??ر مملڪت جي عهدي تي آصف علي زرداري جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. ريٽرننگ آفيسر طرفان جاري فارم 7 موجب آصف علي زرداري کي قومي اس??مبلي ۽ سينيٽ ۾ 255، پنجاب اس??مبلي ۾ 43، سنڌ اس??مبلي ۾ 58، ڪي پي ڪي ۾ 8 ۽ بلوچستان اس??مبلي مان 47 ووٽ مليا، سندس مقابلي ۾ اميدوار محمود خان اچڪزئي کي قومي اس??مبلي ۽ سينيٽ مان 119، پنجاب مان 18، سنڌ مان 3، ڪي پي ڪي مان 41 ووٽ مليا. هو بلوچستان مان ڪو به ووٽ حاصل نه ڪري سگهيو، اهڙي طرح آصف علي زرداري 411 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو جڏهن ته محمود خان اچڪزئي 181 ??وٽ حاصل ڪيا. ڪل ووٽ 1044 وڌا ويا جن مان 9 رد ٿيا، 1035 ووٽ درست شمار ڪيا ويا.