اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ سادي اڪثريت لاءِ مجموعي سيٽن مان 169 سيٽون گهربل هونديون. قومي اسيمبلي جي ??جموعي سيٽون 266 آهن جڏهن عورتن ۽ اقليتن جي ??خصوص سيٽون شامل ڪري ڪل سيٽون 336 آهن جڏهن ته ڪنهن به سياسي جماعت کي قومي اسيمبلي ۾ سادي اڪثريت لاءِ 169 سيٽون گهربل هونديون. قومي اسيمبلي جي 265 جنرل سيٽن تي پولنگ ٿي آهي جڏهن ته هڪ سيٽ تي اميدوار جي ??تل جي سبب پولنگ ملتوي ڪئي وئي.