اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالح?? ڪاڪڙ گڏيل قومن ۾ ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي موقف کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عالمي سطح تي ملڪ جي معاشي ڀلائي جي لاءِ موقعن جي نشاندهي ڪرڻ پاڪستان جي سمورن سفارتي نمائندن جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو ا??هار هن گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقبل نمائندي منير اڪرم سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم انوارالح?? ڪاڪڙ منير اڪرم کي گڏيل قومن جي پليٽ فارم تي فلسطين مسئلي تي پاڪستان جي موقف جي موثر نمائندگي تي ساراهيو. نگران وزيراعظم انوارالح?? ڪاڪڙ منير اڪرم کي گڏيل قومن ۾ ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي موقف کي لاڳيتو ا??اگر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي ملڪ جي معاشي ڀلائي جي لاءِ موقعن جي نشاندهي ڪرڻ پاڪستان جي سمورن سفارتي نمائندن جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. منير اڪرم نگران وزيراعظم کي پنهنجي مشن جي ڪارڪردگي کان آگاهه ڪيو ۽ نگران وزيراعظم کان پرڏيهي پاليسي جي ڏس ۾ هدايتون ورتيون.