اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ فلسطين جي انتهائي ڳڻتي جوڳي صور??حا?? کي نظر ۾ رکندي ۽ مظلوم فلسطينين سان يڪجهت?? جي اظهار لاءِ پاڪستان حڪومت پاران نئين سال شروع ٿيڻ ت?? جي موقعي تي ڪنهن به قسم جي تقريب منعقد ڪ??ڻ تي مڪمل پابندي جو اعلان ڪيو آهي ۽ عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اها غزه جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جو مظاهرو ڪري ۽ نئين سال جي شروعات تي سادگي کي نظر ۾ رکي. پنهنجي خصوصي پيغام ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته سال 2024ع جي آمد آهي، آئون الله تعاليٰ کان دعاڳو آهيان ته نئين سال جو سج اسان جي ملڪ پاڪستان ۽ پوري دنيا جي لاءِ خوشحالي ۽ امن جو پيغام کڻي اڀري. هن چيو ته جيئن ته توهان سڀني کي خبر آهي ته فلسطين ۾ قابض اسرائيلي فوج پاران ظلم ۽ ڏاڍ ڪيو پيو وڃي، غزه ۽ اولهندي ڪناري ۾ مظلوم فلسطينين خاص طور تي معصوم ٻارن جي قتل عام ۽ معصوم فلسطينين جي نسل ڪشي تي پوري پاڪستاني قوم ۽ مسل??ان امت شديد ڏک ۾ ورتل آهي. نگران وزيراعظم چيو ته 7 آڪٽوبر 2023ع کان وٺي هيستائين اسرائيلي فوج جي ظلم سان 21 هزار کان وڌيڪ معصوم فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ هڪ وڏو انگ معصوم ٻارن جو آه?? جيڪو لڳ ڀڳ 9 هزار جي ويجهو پهچي چڪو آهي. هن چيو ته اسرائيلي رتوڇاڻ روڪڻ جي لاءِ پاڪستان دنيا جي هر فورم تي مظلوم فلسطينين جي لاءِ آواز اٿاريو آهي ۽ سدائين اٿاريندو رهندو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان پنهنجي فلسطيني ڀائرن ڀينرن جي مدد جي لاءِ امدادي سا??ان جون 2 کيپ موڪلي چڪو آهي جڏهن ته ٽئين کيپ به جلد ئي رواني ڪئي پئي وڃي، فلسطيني ڀائرن جي وقت سر امداد، غزه ??ان زخمين جي انخلا ۽ انهن جي علاج جي لاءِ پاڪستان حڪومت مصر ۽ اردن سان مسلسل رابطي ۾ آهي. هن چيو ته فلسطين جي انتهائي ڳڻتي جوڳي صور??حا?? کي سامهون رکندي ۽ پنهنجي مظلوم فلسطيني ڀائرن ڀينرن سان يڪجهت?? جي لاءِ اظهار لاءِ پاڪستان حڪومت پاران نئين سال جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي تقريب منعقد ڪ??ڻ تي مڪمل پابندي هوندي، ان موقعي تي آئون سمورن پاڪستانين کي به اها گذارش ڪريان ٿو ته اهي غزه جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جو مظاهرو ڪن ۽ نئين سال جي شروعات تي سادگي کي نظر ۾ رکن.