اسلام آباد – 18 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران پ??ڏي??ي وزير جليل عباس جيلاني ايران جي پ??ڏي??ي وزير حسين امير اللهيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پ??ڏي???? آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هن ٻطرفي اهميت جي معاملن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران پ??ڏي??ي وزير جليل عباس جيلاني والاريل فلسطين خاص طور تي غزه جي خراب صورتحال تي پاڪستان جي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن جنگبندي جي فوري ضرورت، گهيراءُ ختم ڪرڻ، غزه جي ماڻهن کي طبي سامان سميت بنا رڪاوٽ جي انساني امداد جي فراهمي ۽ فلسطين مسئلي جي منصفاڻي حل جي بنياد تي وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي لاءِ سفار??ي ڪوششن جي ٻيهر شروعات تي زور ڏنو. نگران پ??ڏي??ي وزير 15 ڊسمبر تي ڏکڻ اوڀر ايران ۾ دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ايراني سيڪيورٽي اهلڪار ماريا ويا هئا. هن دهشتگردي جي خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايران سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عز?? تي زور ڏنو جيڪو علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ هڪ گڏيل چئلينج آهي. ٻنهي پ??ڏي??ي وزيرن تاريخ ۽ ثقافت سان ڳنڍيل پاڪستان ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عز?? جو ورجاءُ ڪيو ۽ اعليٰ سطحي جي دورن جي مٽاسٽا کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.