لاهور – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ ۽ خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي شالام??ر باغ لاهور جو دورو ڪيو ۽ تاريخي ورثي جي تحفظ ??ي لاءِ پنجاب حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو، شالام??ر باغ پهچڻ تي خاتون اول ثمينه عارف علوي جي آجيان ڊائريڪٽر جنرل والٽ سٽي آف لاهور اٿارٽي ڪامران لاشاري ۽ اميچيئور گارڊنرز ڪلب جي چي??رپ??سن نوشين سرفراز ڪيو ۽ ان جي آجيان ڪئي. اميچوئر گارڊنرز ڪلب جي چي??رپ??سن نوشين سرفراز ان موقعي تي خاتون اول کي شالام??ر باغ ۾ وڻ ۽ ٻوٽن ۽ گلن بابت ٿيل ڪمن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. ڊائريڪٽر جنرل والٽ سٽي آف لاهور اٿارٽي ڪامران لاشاري خاتون اول کي شالام??ر باغ جي رنگ روغن ۽ تحفظ ??ابت جاري ڪمن بابت بريفنگ ڏني. بيگم ثمينه عارف علوي آثار قديمه جي ورثي جي تحفظ لاءِ صوبائي حڪومت ۽ والٽ سٽي لاهور جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ سارسنڀال جي لحاظ کان شالام??ر باغ جي انتظاميا کي ساراهيو ۽ چيو ته حڪومت ثقافتي ورثي جي تحفظ ??ي لاءِ سڀئي ممڪن وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي. بعد ۾ خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي شالام??ر باغ جي مختلف حصن جو دورو ڪيو. آخر ۾ ڊائريڪٽر جنرل والٽ سٽي آف لاهور اٿارٽي ڪامران لاشاري خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي کي شيلڊ پيش ڪئي.