ڪوئيٽا – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وف??قي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پيمرا رولز تحت لائيسنس يافته ٽي وي چينلز چئني صوبائي گادي وارن شهرن ۾ پنهنجُون بيورو آفيسون قائم ڪرڻ جا پابند آهن، جيڪي چينل پنهنجا بيورو بند ڪري رهيا آهن، انهن جي مالڪن سان ڳالهه ڪنداسين، ميڊيا و??ڪرز سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان يونين آف جرنلسٽس جي اهتمام هيٺ بول نيوز، روزاني دنيا ۽ روزاني انتخاب مان ورڪرز جي جبري برطرفين جي خلاف منعقد مظاهري سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي ڪيو. بلوچستان يونين آف جرنلسٽس جي صدر عرفان سعيد ان موقعي تي چيو ته وف??قي ۽ صوبائي حڪومتون ميڊيا و??ڪرن جي تحفظ جي لاءِ قدم کڻن، بلوچستان ۾ اڳ ۾ ئي روزگار جا موقعا محدود آهن. ان موقعي تي اطلاعات واري نگران صوبائي وزير جان اچڪزئي صح??في?? جي برطرفي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اه??يو?? پاليسيون لازمي آهن جيڪي صحافي برادري سميت ملازمن جي حقن جو تحفظ ڪن.