اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تيز ۽ پائيدار ملڪي ترقي جي لاءِ فڪري ۽ ??عل??مي ترقي تي ڌيان ڏيڻ تي زور ڏيندي ??يو آهي ته شاگرد هنرمندي، آن لائين ۽ فاصلاتي ??عل??م مان ڀرپور فائدو کڻن، شاگرد انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت جي شعبي تي خاص ڌيان ڏين. هو بلوچستان ريزيڊنشل ڪاليج لورالائي جي ??عل??مي دوري تي آيل شاگردن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو ته قدرتي وسيلن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ انساني وسيلن تي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، بلوچستان جي انساني وسي??ن جي ترقي تي ڌيان سان ئي تيز رفتار ترقي ممڪن آهي. هن ??يو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جو هر شعبي ۾ استعمال وڌي رهيو آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي فروغ سان پاڪستان مختصر مدي ۾ معاشي ترقي ڪري سگهي ٿو. هن ??يو ته بلوچستان جا شاگرد محنت ۽ لگن سان علم حاصل ڪن، شاگرد نصاب کانسواءِ ڪتاب پڙهڻ ۽ علم حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏين، ماضي ۾ علم حاصل ڪرڻ مشڪل هو، جديد ٽيڪنالاجي سان علم تائين پهچ وڌي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو ته بلوچستان قدرتي وسي??ن جي دولت سان مالامال آهي، ترقي جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. وفد صدر کي بلوچستان جي ??عل??مي شعبي ۾ ڪاليج جي خدمتن بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ڪاليج جا فارغ ٿيندڙ سوين شاگرد طب، انجنيئرنگ، سول سروس، دفاع، قانون ۽ ڪاروبار سميت مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. صدر بلوچستان ۾ ??عل??م جي فروغ ۾ ڪاليج جي ڪردار کي ساراهيو.