اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪس??ان ۽ قزاخس??ان جي وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن، ثقافتي وفدن جي مٽاسٽا ۽ رياستي ميڊيا ادارن جي وچ ۾ تعاون کي فروغ ڏ??ڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته رياستي ميڊيا ٻنهي طرفن ڄاڻ تائين پهچ جو اهم ذريعو آهي، پاڪس??ان شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبرن سان گهرا، تاريخي ۽ ثقافتي رابطا قائم رکيا آهن. اها ڳالهه هن پاڪس??ان ۾ قزاخس??ان جي سفير يرزان ڪسٽافن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ، عوامي سطح تي رابطن کي فروغ ڏ??ڻ ۽ علائقائي صورتحال سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات ۾ پاڪس??ان ۽ قزاخس??ان ۾ ٻنهي مل??ن جي رياستي ميڊيا ادارن جون آفيسون قائم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ٿيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪس??ان قزاخس??ان سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چيو ته ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن، ثقافتي وفدن جي مٽاسٽا ۽ رياستي ميڊيا ادارن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏ??ڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪس??ان ٻنهي طرفن اطلاعات تائين پهچ جو اهم ذريعو آهن. ملاقات ۾ پاڪس??ان جي اطلاعات واري وزارت ۽ قزاخس??ان جي اطلاعات ۽ سماجي ترقي واري وزارت جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن جو معاملو پڻ بحث هيٺ آيو. ان ڏس ۾ پاڪس??ان ۽ قزاخس??ان جي اطلاعات وارن وزيرن جي وچ ۾ زوم ذريعي ميٽنگ ڪرڻ تي پڻ اتفاق ٿيو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪس??ان (اي پي پي) ۽ نيشنل ڪمپني قزاخ انفارميشن ايجنسي جي وچ ۾ 2018ع ۾ ميڊيا تعاون جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ٿيون هيون. هن چيو ته لاهور مان هڪ ٽيم فلم شوٽنگ جي لاءِ قزاخس??ان رواني ٿي رهي آهي جيڪو ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ ثقافتي لاڳاپن جي فروغ طرف اهم قدم آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪس??ان شنگهائي تعاون تنظيم ۽ اقتصادي تعاون تنظيم جو اهم ميمبر آهي، شنگهائي تعاون تنظيم جو ايندڙ اجلاس قزاخس??ان ۾ ٿي رهيو آهي، ايس سي او علائقائي ملڪن سان لاڳاپا قائم ڪرڻ جو هڪ متحرڪ پليٽ فارم آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته پاڪس??ان شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبرن سان گهرا، تاريخي ۽ ثقافتي رابطا قائم رکيا آهن، اسان جا مفاد ۽ مقصد وسيع پئماني تي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. قزاخس??ان جي سفير پاڪس??ان جي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ قزاخس??ان جي اطلاعات ۽ سماجي ترقي واري وزارت جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن جي لاءِ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير کي قزاخس??ان جي دوري جي دعوت ڏني. هن چيو ته قزاخس??ان جو صدر پاڪس??ان ۽ پاڪس??ان جي عوام سان تمام گهڻي محبت ڪري ٿو، قزاخس??ان جو صدر ايندڙ سال پاڪس??ان جو دورو ڪندو، سندس اهو دورو واپاري لحاظ کان اهميت رکندڙ هوندو جنهن سان ٻطرفي واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ملندي. هن چيو ته اسان ٻنهي مل??ن جي رياستي ميڊيا جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهيون ٿا. قزاخس??ان جي سفير چيو ته وچ اوڀر کي گرم پاڻين تائين پهچ جي لاءِ پاڪس??ان اهم ملڪ آهي جڏهن ته پاڪس??ان جو شهر سيالڪوٽ فٽبال ۽ سرجيڪل اوزارن جي تياري ۾ تمام گهڻو مشهور آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي وڌيڪ وڌائڻ سميت ويجهي معاشي لاڳاپن کي فروغ ڏ??ڻ جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو.