اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين 27 آڪٽوبر کي ڪارو ڏين??ن ڪري ملهايو. اسلام آباد ۾ ڪل جماعتي ح??يت ڪانفرنس آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڄمون ۽ ڪشمير لبريشن سيل جي اهتمام هيٺ ڪاري ڏينهن جي موقعي تي گڏيل قومن جي ملٽري آبزرور گروپ جي ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري جي ق??اد?? ڪل جماعتي ح??يت ڪانفرنس آزاد ڪشمير شاخ جي سينيئر اڳواڻ غلام محمد صفي ڪئي جڏهن ته حڪومتي وزير احمد رضا قادري آزاد حڪومت رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي نمائندگي ڪندي خصوصي طور تي شرڪت ڪئي. مظاهري کي ح??يت ڪانفرنس جي سيڪريٽري جنرل شيخ عبالمتين، سينيئر ح??يت اڳواڻ سيد يوسف نسيم سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن ??ڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.