سرينگر-26 آڪٽوبر(اي پي پي) ڪنٽرول لائن جي ٻنهي پاسن ۽ سڄي دنيا ۾ رهن??ڙڪ??ميري( اڄ ) جمعي جو ڏينهن ڪاري ڏينهن جي طورتي ملهائيندا. جنهن جو مقصد دنيا کي اهو واضع ڪرڻ آهي ته ڀارت ڪشميرين جي سرزمين تي سندن مرضي خلاف ۽ غير قانوني طورتي قبضو ڪيو آهي . ??شمير ميڊيا سروس مطابق اهو 27 آڪٽوبر 1947 ع جو ڏينهن هو ،جڏهن ڀارت ننڍي کنڊ جي ورهاست جي فارمولي جي کليل ڀڃڪڙي ڪندي ۽ڪشميرين جي خواهشن جي ابتڙ سرينگر جي هوائي اڏي تي فوج لاهي غير قانوني طورتي قبضو ڪيو ??و . ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڪال ڏني آهي . حريت ڪانفرنس ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ (اڄ ) جمعي ڏينهن تي مڪمل هڙتال جي اپ??ل به ڪئي وئي آهي .