اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ جده ۾ آهي ته جيئن غزه جي بحران ۽ اتان جي بند ۾ پيل شهرين جي انساني صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بي??ن مو??ب اجلاس پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏيل طور تي گهرايو آهي. نگران پرڏيهي وزير او آءِ سي ملڪن جي پنهنجي هم منصبن س??ن مشاورت ۾ مصروف آهي. بي??ن مو??ب ان غيرمعمولي سيشن تي هن مصر، ايران، ترڪيه ۽ گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزيرن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. نگران پرڏيهي وزير انهن س??ن مشاورت ??وران غزه ۾ اسرائيلي بمباري ۽ گهيراءُ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ موجوده صورتحال تي پاڪستان جي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جده ۾ ملاقات سان گڏ مشاورت ??اري رکندو. بي??ن مو??ب ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اڄ اربع ڏي??هن ٿيندڙ اجلاس جي حوالي سان نگران پرڏيهي وزير او آءِ سي پاران جنگبندي ۽ لنگهن جي ذريعي انساني امداد جي فراهمي جي گڏيل مطالبي جي لاءِ پاڪستان جي ترجيح تي زور ڏنو آهي ته جيئن خوراڪ، دوائون، پاڻي ۽ ٻيو ضروري سامان غزه جي ماڻهن تائين بنا ڪنهن دير جي پهچي سگهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان کانپوءِ جي ڪوششن جو رخ عالمي قانون ۽ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب فلسطين مسئلي جي منصفاڻي، جامع ۽ پائيدار حل طرف هجڻ گهرجي. بي??ن موجب 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي فلسطين جي هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ لڳولڳ رياست قائم ڪئي وڃي جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.