اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي ملڪي يونيورسٽين تي زور ڏنو آهي ته اهي شاگردن کي معياري ??عل??م فراهم ڪن ڇو ته اها ملڪ جي ترقي جي اولين ضرورت آهي، ??عل??م واري وزارت ۽ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن مارڪيٽ ۾ نوڪرين جي گهرج موجب ڪورسز ۽ شعبن کي ڊيزائن ڪرڻ ۾ يونيورسٽين جي مدد ڪن. هو قائداعظم يونيورسٽي جي ڪانووڪيشن جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو ته پاڪستان مشڪل معاشي صورتحال مان گذري رهيو آهي پ?? اميد آهي ته معياري ??عل??م، قانون جي حڪمراني ۽ انصاف کي يقيني بڻائي جلد ٻيهر ع??وج حاصل ڪندو. پاڪستان ترقي ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو ۽ جلد ئي ملڪ ۾ ترقي ۽ خوشحالي جو سج اڀرندو. تقريب دوران صدر يونيورسٽي جي مختلف شعبن ۾ ٽاپ پوزيشن هولڊرز کي ميڊلز ۽ ڪامياب شاگردن کي ڊگريون ڏنيون. ملڪ ۾ طبي شعبي ۾ پيشيور ماڻهن جي کوٽ جو ذڪر ڪندي صدر چيو ته عورت پيشيور ماڻهن کي پنهنجي ڊگري مڪمل ڪرڻ کانپوءِ معاشري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ جون عورتون تمام گهڻيون محنتي آهن ۽ اهي مردن سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. هن عورتن کي ڪم وارين جاين تي هراسمينٽ کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن اهي آزاداڻي طور تي ڪم ڪري سگهن. صدر چيو ته هن وقت 24 ملين کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. حڪومت کي انهن ٻارن کي ??عل??م ڏيڻ جي لاءِ اٽڪل 55000 وڌيڪ اسڪولن جي ضرورت پوندي پ?? اسان کي انهن ٻارن کي ??عل??م ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گهرجي. علائقائي انگن اکرن جي ڀيٽ ڪندي صدر روشني وڌي ته ڀارت، بنگلاديش ۽ سريلنڪا ۾ اٽڪل 98 سيڪڙو ٻار اسڪولن ۾ داخل آهن. هن چيو ته مسجدن کي جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال کانسوا??ِ تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ پڻ استعمال ڪري سگهجي ٿو. صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي يونيورسٽين کي چيو ته اهي شاگردن جي لاءِ 2 سالا ايسوسيئيٽ ڊگري پ??وگرام شروع ڪن ڇو ته مارڪيٽ کي هنرمند پيشيور ماڻهن جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ شاگردن کي علم حاصل ڪرڻ بند نه ڪرڻ گهرجي پ?? زندگي جي هر قدم تي علم حاصل ڪرڻ جو جذبو ظاهر ڪرڻ گهرجي. هن پنهن??ي عملي زندگي ۾ قانون جي حڪمراني، انصاف ۽ اخلاقيات کي يقيني بڻائڻ تي پڻ زور ڏنو. ان موقعي تي وفاقي ??عل??م واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته حڪومت ??عل??م کي هر سطح تي فروغ ڏئي رهي آهي. هن چيو ته هن اسلام آباد جي اسڪولن کي سموريون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ڇو ته بنيادي سهولتن کانسوا??ِ تعليم جو معيار بهتر نه ٿو ٿي سگهي.