نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته نگران وز??را??ظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي سميت ٻطرفن ۽ گهڻ رخي فورمز تي پاڪستان جي موقف جي ڀرپور ترجماني ڪئي آهي، پاڪستان خطي ۾ پائيدار امن جو خواهشمند اهي، ان مقصد جي لاءِ ڪشمير مسئلي کي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگ?? موجب حل ٿيڻ گهرجي، موسمياتي تبديلين جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جهڙن شديد متاثر ملڪن جي فنانسنگ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ عالمي برادري ڪردار ادا ڪري. هو نيويارڪ ۾ پرڏيهي سيڪريٽري ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سان گڏ نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. نگران پرڏيهي وزير چ??و ته اسان 18 سيپٽمبر کان هن دوري تي آهيون، ان دوران نگران وز??را??ظم اعليٰ سطحي ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون، اهڙي طرح مون نگران پرڏيهي وزير جي حيثيت سان پنهنجي پرڏيهي هم منصبن سان ملاقاتون ڪيون، انهن ملاقاتن ۾ ٻطرفن معاملن کانسواءِ علائقائي ۽ اهم عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته اسان پاڪستان ۾ اقتصادي صورتحال جي بهتري سميت واپار ۽ ترقي ب??بت قدمن کان آگاهه ڪيو. نگران پرڏيهي وزير چ??و ته اسان وزارتي سطح تي پڻ ڪيتريون ئي ملاقاتون ڪيون آهن. هن چيو ته نگران وز??را??ظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪيو جنهن ۾ هن علائقائي صورتحال، افغانستان ۽ خطي ۾ امن ۽ سلامتي ب??بت پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪيو. هن امن ۽ ترقي جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي پڻ اجاگر ڪيو. نگران وز??را??ظم موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کان پڻ دنيا کي آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته پاڪستان ڪمزور ملڪن کي موسمياتي تبديلين جي اثرن جي نتيجي ۾ آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، اسان اميد ظاهر ڪئي ته هلندڙ سال نومبر ۾ ٿيندڙ ڪوپ – 28 ۾ عملدرآمد جو مڪينزم جوڙيو ويندو. هن چيو ته پاڪستا?? موسمياتي تبديلين سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ آهي. هن ملڪ ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهين ۽ ??ال?? نقصانن ب??بت پڻ آگاهه ڪيو. نگران پرڏيهي وزير چ??و ته اسان او آءِ سي جي ڪشمير ۽ فلسطين ب??بت گروپس جي اجلاسن کانسواءِ ٻين اهم فورمز ۾ پڻ ڀرپور شرڪت ڪئي. اسان خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي ڪوششن جي لاءِ ڪشمير مسئلي جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد?? موجب حل جي ضرورت تي زور ڏنو. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران پرڏيهي وزير چ??و ته اسان مختلف اجلاسن ۽ ملاقاتن ۾ فلسطين جي مسئلي جي حل جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته اسان ڀارت سان امن چاهيون ٿا پر ان جي لاءِ ڪشمير مسئلي جو گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهش?? موجب حل لازمي آهي. ڪئناڊا ۾ سک اڳواڻ جي قتل جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڀارت ڏکڻ ايشيا جي خطي جي ملڪن ۾ اهڙي طرح جي ڪاررواين ۾ سدائين ملوث رهيو آهي. هاڻي ڪئناڊا ۾ اهڙي طرح جي ڪارروائي سان ڀارت دنيا ۾ پنهنجي ڪردار جي حوالي سان بي نقاب ٿي ويو آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ نگران پرڏيهي وزير چ??و ته افغانستان مان ٻين ملڪن جي خلاف ڪاررواين جي روڪٿام ب??بت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ انهن پاران افغان سرزمين دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ٿيڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي.