اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ کي 12 آگسٽ ??ائين نگران وزيراعظم جو نالو ڏي?? جو چئي ڇڏيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ت??ليل ٿيل قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض احمد کي خط لکيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 224 هڪ اي تحت صدر وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي مشوري سان نگران وزيراعظم جي مقرري ڪري ٿو، آئين تحت وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ کي قومي اسيمبلي جي تحليل جي 3 ڏينهن جي اندر نگران وزيراعظم جو نالو تجويز ڪرڻو هوندو آهي. صدر چيو ته مون وزيراعظم جي ايڊوائيس منظور ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 9 آگسٽ ??ي قومي اسيمبلي تحليل ڪئي وئي. وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ 12 آگسٽ ??ائين موزون نگران وزيراعظم جو نالو تجويز ڪن.