اسلام آباد -06 آگسٽ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي، ته قانون کي ڌوڪو ڏئي ادارن تي حملي آور ٿي ڪيسن کان بچي نٿو سگهجي، پي ٽي آءِ چيئرمين پنه??جي بچاءَ ۾ ثبوت پيش نه ڪري سگهيو، ان جي گرفتاري جو سياست سان ڪو به ??علق ناهي، پرامن احتجاج ڪنهن به ??ياسي جماعت يا ڪارڪن جو جمهوري حق آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري تي ڪو احتجاج سامهون نه آيو، عوام کي هر ڀيري بيوقوف نٿو بڻائي سگهجي، عدالتون موجود آهن، الزامن جو جواب ڏيڻ جو سڀني کي حق آهي. بي بي سي ورلڊ کي پنه??جي هڪ انٽرويو ۾ وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي موجوده گرفتاري جو پاڪستان جي سياست سان ڪو به ??علق ناهي، نه ئي هي سياسي انتقام جي ڪا ڪارروائي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشه خانه ڪيس ۾ سمورا مرحلا پورا ٿيا، ٽ??ائ?? ڪورٽ فيصلو ڏنو جنهن تي کيس گرفتار ڪيو ويو. ان ڪري ان جو سياست ڪو به واسطو ناهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين پنه??جي دفاع ۾ ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، ان تي الزام هو ته هن اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو، ان کان رياستي تحفن بابت پڇيو ويو ته هو ڪو به ??واب نه ڏئي سگهيو. ان کان علاوه وڌيڪ 4 ڪيس 19 ڪروڙ برطانوي پائونڊن جي چوري، سائفر، 9 مئي جي سانحي ۽ منع ٿيل فنڊنگ ڪيس ۾ به ٽ??ائ?? ڪورٽ ۾ آهن. هن چيو ته توشه خانه ڪيس ۾ ٽ??ائ?? ڪورٽ فيصلو جاري ڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب وفاقي وزير چيو ته هڪ اهڙي شخص کي کليل ڇوٽ نه ٿي ڏئي سگهجي جنهن اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو آهي. هن چيو ته عمران خان جي گرفتاري جو چونڊن سان ڪو به ??علق ناهي، ان جي گرفتاري عدالتي حڪمن تي ٿي آهي. هن چيو ته جڏهن 3 ڀيرا چونڊيل وزيراعظم نواز شريف کي گرفتار ڪيو ويو هو ته چونڊون بلڪل ويجهو هيون، کيس ڌيءَ سان گڏ گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو هو. هن چيو ته عمران خان پنه??جي دور ۾ سڀني سياسي حريفن کي جيلن ۾ وڌو. هن پنه??جي اختيارين جو ناجائز استعمال ڪيو، نيب ۽ ايف آءِ اي کي استعمال ڪيو، پر اسان ايئن نه ??يو. هن چيو ته عدالتون موجود آهن، قانون پنهنجو رستو پاڻ بڻايو ۽ عمران خان قانون کان ڀڄندو رهيو. هو عدالت جي سوالن جو جواب نه ڏئي سگهيو. هن چيو ته اسان ڏٺو آهي ته جڏهن به ??دالت کيس طلب ڪيو ته زمان پارڪ ۾ صورتحال خراب ٿي، جوڊيشل ڪامپليڪس تي حملو ڪيو ويو، پوءِ 9 مئي جو سانحو پڻ ڏٺو، هن شخص 15 مهينن تائين قانون کان فراريت اختيار ڪئي. هن چيو ته جڏهن عدالت ڏٺو ته ڪنهن به ??ڪ شبهي کان سواءِ بدديانتي ثابت ٿي وئي ته هن پنهنجو فيصلو جاري ??يو. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته قانون ۾ پنه??جي عملن جو جواب ڏيڻو پوي ٿو، ان جو سياست سان ڪو به ??علق ناهي هوندو. عمران خان 9 مئي جي منصوبا بندي ڪئي، حساس ٺڪاڻن تي حملا ڪرايا، قومي ٺڪاڻن، ا??پتالن، ايمبولينسن کي باهيون ڏياريون، هن چيو ته ڪيپيٽل هل تي به ??ملا ٿيا ۽ جيڪي ماڻهو ملوث هئا انهن کي سزا ملي چڪي آهي. هن چيو ته هڪ اهڙو شخص جيڪو عدالت ۾ ڏوهي ثابت ٿي چڪو آهي. ان کي گرفتار ٿيڻو ئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته ٽ??ائ?? ڪورٽ ۾ جاچ جو عمل مڪمل ٿيو. عمران خان کي 40 پيشين ذريعي ڪافي موقعا ڏنا ويا پر هو فقط 3 پيشين تي پيش ٿيو. هڪ ٻئي سوال تي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان جي گرفتاري جي ڀيٽ نواز شريف سان نه ٿي ڪري سگهجي. جڏهن ته نواز شريف تي الزام هو ته هو پنه??جي دفاع ۾ پيش ٿيو. نيب جون 150 پيشيون ڀوڳيون، حساس ٺڪاڻن کي باهيون نه ڏنيون ۽ نه ئي ڪنهن ايمبولينس، ا??پتال، مسجد يا اسڪول کي ساڙيو. هن چيو ته نواز شريف تي جڏهن به ??لزام لڳو ته هن پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ??يو. هن چيو ته قانون کي ڌوڪو ڏئي هيٺاهون ڏيکاري ۽ ادارن تي حملي آور ٿي ڪيسن کان بچي نٿو سگهجي. هڪ سوال تي هن چيو ته عوام کي هر ڀيري اوندهه ۾ نٿو رکي سگهجي. عمران خان قانون کان بچڻ لاءِ تشدد کي هوا ڏني، پنه??جي ڪارڪنن کي ڀڙڪايو، پوليس، رينجرز ۽ رياستي ادارن تي حملي آور ٿيو. ٻارن ۽ عورتن کي ڍال طور استعمال ??يو. هن چيو ته اسان کي قومي مفادن تي واضح لڪير ڪڍڻي پوندي آهي. جڏهن ته ڪيپيٽل هل تي حملو ٿيو، جيڪو به ??ن ۾ ملوث هو ان کي سزا ڏني وئي. ان لاءِ قومي مفاد ۽ حساس ٺڪاڻن تي حملن جي معاملي ۾ واضح فرق ڪرڻو پوندو. هن چيو ته عمران خان تسليم ڪيو آهي ته هي سڀ ان جي هدايتن تي ٿيو. عمران خان 9 مئي جي هن پوري واقعي جو ماسٽر مائينڊ آهي، ان لاءِ هيئن نه ٿو چئي سگهجي ته ڪريڪ ڊائون ڪنهن سياسي انتقام جو نشانو بڻائڻ لاءِ ٿي رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان پنه??جي چئن سالن ۾ پنه??جي سياسي مخالفن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو، هن پارليامينٽ جون پهرين 2 صفون جيل ۾ بند هيون. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير عمران خان جي گرفتاري ۾ سياسي پهلو جي عنصر کي رد ڪندي چيو ته ڪنهن سياسي طرز عمل عمران خان کي ٽ??ائ?? ڪورٽ مان پنه??جي دفاع سان نه رو??يو. عمران خان کي ٽ??ائ?? ڪورٽ جي 40 پيشين ۾ ثبوت پيش ڪرڻ گهرجي ها پر هو چئي چڪو آهي ته کيس خبر ئي ناهي، جڏهن ان کان رياستي تحفن جو پڇون ٿا ته هو چوي ٿو ته ملٽري سيڪريٽري کي خبر هوندي، اهو ئي منه??جي تحفن کي خريد ۽ وڪرو ڪندو هو. جڏهن 190 ملين پائونڊن جو پڇيو وڃي ٿو ته چوي ٿو ته منه??جي ڪابينه جوابده هئڻ گهرجي، جڏهن 9 مئي جي فسادن جو پڇو ويو ته چوي ٿو ته منه??جي ڪارڪنن کي ان جو جواب ڏيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته انهن ئي سڀ ڪجهه ڪيو ۽ جڏهن معيشت جو پڇيو ويو ته چوي ٿو ته مون وٽ ٽيم سٺي نه هئي. هن چيو ته عمران خان ملڪ جو وزيراعظم هو ان وٽ اختيار هو هن ذاتي حيثيت سان رياستي تحفه خريد ڪيا ۽ کين پنه??جي ٽيڪس گوشوارن ۾ ظاهر نه ??يو. کيس ڪنهن روڪيو هو ته هي تحفه ظاهر نه ڪري. جيڪڏهن سڄو معاملو شفاف هجي ها ته سڀ ڪجهه اثاثه ظاهر ڪرڻ واري فارم ۾ موجود هجي ها. وفاقي وزير چيو ته عمران خان پهرين تحفه وڪرو ڪيا ۽ ان کان پوءِ خريد ڪيا. هن وٽ رسيدون به ناهن. هن چيو ته عمران خان جي گرفتاري سياسي ناهي، عمران خان ٽ??ائ?? ڪورٽ ۾ ڪنهن به ??وال جو جواب نه ڏئي سگهيو. ان جي چوري ثابت ٿي انهي لاءِ کيس گرفتار ڪيو ويو. عمران خان جي گرفتاري تي ڪارڪنن جي احتجاج بابت سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته ماڻهن کي بار بار بيوقوف نٿو بڻائي سگهجي، پاڪستان جو عوام ڄاڻي چڪو آهي ته عمران خان عدالت ۾ ثبوت پيش ڪرڻ کان قاصر رهيو. عوام کي خبر آهي ته سياسي استحصال ۽ انتقام ڇا ٿيندو آهي. هن چيو ته ماڻهن کي خبر پئجي چڪي آهي اوهان هر شخص کي هر ڀيري دوکو نٿا ڏئي سگهو. هن چيو ته جڏهن کان عمران خان کي گرفتار ڪيو ويو آهي ڪو به ??حتجاج ٿيندي نظر نه اچي رهيو آهي. هاڻي هو جيل م آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ماڻهو احتجاج ڪرڻ چاهين ٿا ته کين احتجاج ڪرڻ جي آزادي آهي پر اسان ڪنهن کي به ??وڊن تي نه ڏٺو. هڪ سوال تي وفاقي وزير چيو ته اسان سياسي احتجاجن تي گرفتار نٿا ڪيون، ا??ان هڪ واضح فرق رکيو آهي، ا??ان عمران خان وانگر فاشسٽ حڪومت ناهي ڪئي، ا??ان جمهوريت تي يقين رکون ٿا. اسان اظهار راءِ جي آزادي تي پابندي جا متاثرن مان آهيون. وفاقي وزير چيو ته جڏهن عمران خان وزيراعظم هو ته پارليامينٽ جي بئنچن تي پهريون ٻه صفون جيلن پٺيان هيون، ان وقت عمران خان کي عالمي تنظيمن ميڊيا پريڊيٽر جو خطاب ڏنو جڏهن هن تنظيمن اظهار راءِ جي آزادي جي معاملي ۾ اسان جي دور ۾ پاڪستان جي ريٽنگ 7 درجا بهتر ٿي آهي. هن چيو ته عمران خان جي دور ۾ پوري اپوزيشن جيلن ۾ هئي، ا??ان ڪنهن اسپتال يا اسڪول تي حملو نه ??يو. اسان جا ميلن تائين ڊگها پرامن احتجاج ٿيندا هئا پر اسان ڪنهن به ??مارت، پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان، ايمبولينس، ا??ڪولن، ۽ اسپتالن تي حملا ٿيندي نه ڏٺا. هن چيو ته هي نئون رجحان آهي مون پهريون ڀيرو ڏٺو ته ڪنهن سياسي پارٽي پيٽرول بمن جو استعمال ??يو.