اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) چين جي نائب وز??راعظم هي لي فينگ جو وز??راعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات جي لاءِ وز??راعظم هائوس په??ڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو. وز??راعظم محمد شهباز شريف ا??ڻ تي وز??راعظم هائوس جي مرڪزي دروازي تي معزز مهمان جو استقبال ڪيو. بعد ۾ هن وفاقي ڪابينا جي ميمبرن بشمول بلاول ڀٽو زرداري، اسحاق ڊار، راڻا ثناءُ الله، سيد نويد قمر، احسن اقبال، سعد رفيق، مريم اورنگزيب، حنا رباني کر ۽ طارق فاطمي تي ٻڌل پنهنجي وفد جو چيني نائب وز??راعظم سان تعارف ڪرايو. ان کانپوءِ چيني وفد جو وز??راعظم شهباز شريف سان تعارف ڪرايو ويو. واضح رهي ته پاڪستان حڪومت جي دعوت تي صدر شي جن پنگ جو خصوصي ايلچي، چين جو نائب وز??راعظم ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي پولٽ بيورو جو ميمبر هي لي فينگ پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ڏهين سالگرهه جي تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ وز??راعظم محمد شهباز شريف پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته چين جي نائب وز??راعظم ۽ وفد جو پاڪستان ا??ڻ تي گرمجوشي سان استقبال ڪرڻ تي خوشي ٿي. وز??راعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته هي لي فينگ ۽ سندس وفد سي پيڪ جي ڏهين سالگرهه جي تقريبن ۾ شرڪ?? ڪندو. وز??راعظم چيو ته چين جو اعليٰ سطحي وفد گيم چينجر منصوبي تحت ٿيندڙ اڳڀرائي جو مشاهدو پڻ ڪندو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ع – ک 15:35