اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل پاران پ??ڪس??ان ۾ انساني حقن جي صورتحال جي بهتري جو اعتراف موجوده حڪومت جي صحيح رخ ۾ صحيح قدمن جو اعتراف آهي، وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ رڳو 15 مهينن دوران پ??ڪس??ان اندروني ۽ ٻاهرئين سطح تي هڪ کانپوءِ هڪ ڪاميابين جا سنگ ميل عبور ڪيا، ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچايو، آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو بحال ڪيو، فيٽف جي گري لسٽ مان ڇوٽڪارو مليو، عالمي فريڊم انڊيڪس ۾ پ??ڪس??ان جي 7 درجا بهتري ٿي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عالمي ريٽنگ جي اداري فچ (FITCH) پ??ڪس??ان جي ريٽنگ وڌائي CCC ڪري ڇڏي آهي ۽ هاڻي گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل اعتراف ڪيو آهي ته پ??ڪس??ان ۾ انساني حقن جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي، ان ڏس ۾ نمايان بهتري آئي آهي. ڪائونسل جو اهو چوڻ ته پ??ڪس??ان انساني حقن جي بهتري لاءِ پختي سياسي عزم جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته اهو موجوده حڪومت جي صحيح رخ ۾ صحيح قدمن جو اعتراف آهي. چار سال جي تباهي، بدنامي، رسوائي ۽ گ??دگي جي صفائي جاري آهي، سموريون ڪوڙيون، سازشي عالمي پروپئگنڊاز زمين بوس ۽ ??دا??ين جي لاءِ دفن ٿ?? ويون آهن.