بيجنگ- 19 مئي (اي پي پي) چين سرڪاري طور تي اعلان ??يو آهي ته هو ڀارت جي غير قانوين قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ٿي??دڙ گروپ 20 اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان وانگ وين بن ڪالهه انٽرنيشنل پريس سينٽر ۾ رٿيل پنهنجي باقاعده ب??يف??گ دوران ??يو ته چين تڪراري علائقن ۾ گروپ 20 اجلاسن جي ڪنهن به شڪل جي رٿڻ جي سختي سان مخالفت ڪري ۽ هو اهڙي طرح جي اجلاسن ۾ شرڪت نه ڪندو. ياد ره?? ته ڀارتي اخبار هندستان ٽائيمز گذريل ڏينهن پنهنجي رپورٽ ۾ امڪان ظاهر ڪيو هو ته چين ۽ ترڪيه سرينگر ۾ رٿيل گروپ 20 اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندا. نريندر مودي جي فسطائي ڀارتي حڪومت 22 کان 24 مئي دوران والاريل ڪشمير جي گرمائي گادي واري هنڌ سرينگر ۾ گروپ 20 اجلاس منعقد ڪري ره?? آهي. مودي حڪومت طرفان عالمي سطح تي تسليم ٿي?? تڪراري خطي ڄمو ڪشمير ۾ گروپ 20 اجلاس رٿڻ جو اهو قدم گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي سڌي ريت ڀڃڪڙي آهي.