اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف اسٽيٽ لائيف ان??ور??س ڪارپوريشن آف پاڪستان پاران داخل ٽن جد?? جد?? اپيلن کي رد ڪندي شڪايت ڪندڙن کي 32 لک رپين کان وڌيڪ جا ان??ور??س ڪليمز ادا ڪرڻ ۽ 30 ڏينهن جي اندر عملدرآمد جي رپورٽ وفاقي محتسب کي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. اسٽيٽ لائيف ڄاڻي واڻي بيماريون لڪائڻ جي الزام تي پاليسي هولڊرز جي وارثن کي رقم ادا ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته ٽنهي معاملن ۾ اسٽيٽ لائيف پاران بدانتظامي ثابت ٿي آهي ان لاءِ هو ٽنهي شڪايت ڪندڙن کي ان??ور??س ڪليمز جي ادائيگي ڪري. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ٽن شڪايت ڪندڙن بشمول ثمينه شهزادي، مح??د مح??وظ ۽ سيتا جي خاندان جي ماڻهن اسٽيٽ لائيف ان??ور??س ڪارپوريشن کان ترتيبوار 29 لک، 198290 ۽ 192000 رپين جون ان??ور??س پاليسيون حاصل ڪيون هيون. پاليسي هولڊرز جي فوت ٿيڻ کانپوءِ اسٽيٽ لائيف شڪايت ڪندڙن کي موت جي بيمي جي ڪليمز جي ادائيگي کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. شڪايت ڪندڙن ازالي جي لاءِ وفاقي محتسب سان رجوع ڪيو، جنهن ??نه?? جي حق ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيا. بعد ۾ اسٽيٽ لائيف ان??ور??س ڪارپوريشن آف پاڪستان محتسب جي فيصلن جي خلاف صدر وٽ جد?? جد?? درخواستون داخل ڪيون، جن کي صدر رد ڪري ڇڏيو. شڪايت ڪندڙ ثمينه شهزادي جي معاملي ۾ صدر قرار ڏنو ته ان جي فوتي مڙس (محمد سعيد احمد) جي موت اسٽيٽ لائيف ان??ور??س ڪارپوريشن جي دعويٰ جي ابتڙ دماغ جي ٽيومر سان نه پر ڪوويڊ 19 جي ڪري ٿي هئي. مح??د مح??وظ جي معاملي ۾ صدر نشاندهي ڪئي ته پاليسي ان جي ڀيڻ (چاند بي بي) کي 26.12.2018 تي جاري ڪئي وئي هئي ۽ اها پاليسي حاصل ڪرڻ جي 3 سال ۽ 7 مهينن کان وڌيڪ عرصي کانپوءِ 19.12.2021 تي لاڏاڻو ڪري وئي هئي. اهڙي طرح سيتا جي معاملي ۾ قرار ڏنو ويو ته ان جي مڙس کي 31.12.2018 تي پاليسي جاري ڪئي وئي هئي جيڪو پاليسي حاصل ڪرڻ جي 2 سال ۽ 2 مهينن کان وڌيڪ عرصي کانپوءِ 17.03.2021 تي لاڏاڻو ڪري ويو هو. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ان??ور??س آرڊيننس 2000ع جي سيڪشن 80 موجب آرڊيننس جي شروعات جي تاريخ کانپوءِ لائيف ان??ور??س جي ڪنهن پاليسي تي ٻن سالن جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ سوال نه ٿو اٿاري سگهجي جڏهن ته ??نه?? ٻنهي معاملن ۾ اسٽيٽ لائيف جي فيلڊ آفيسرن جي ڳجهي رپورٽس پاليسي جاري ڪرڻ وقت پاليسي هولڊرز کي صحتمند قرار ڏنو هو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته ٽنهي معاملن ۾ اسٽيٽ لائيف پاران بدانتظامي ثابت ٿي آهي، ان لاءِ ان جي اپيلن کي رد ڪيو وڃي ٿو تنهن ڪري اسٽيٽ لائيف ٽنهي شڪايت ڪندڙن کي موت جي بيمن جي رقم ادا ڪري.