اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته انساني سرمائي ۾ ناڪافي سيڙپڪاري هڪ اهم مسئلو آهي جنهن تي ادارجاتي سطح تي ۽ سياسي قيادت پاران ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ادارن ۽ سياسي قيادت تي قومي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي سجيدگي جو مظاهرو ڪن، متحد ٿين ۽ ڊيليور ڪن. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته حقيقت ۾ اهي ملڪ جا اصل مسئلا آهن پر درپيش حالتن ۾ اهي م??ئلا پس منظر ۾ هليا ??يا آهن. ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عالمي بئنڪ ۽ پاڪستان هيومن ??يپيٽل ريويو جي ڊيٽا تي ٻڌل هڪ قومي روزنامي ۾ شايع ٿيندڙ مضمون پڻ شيئر ڪيو. عالمي بئنڪ جي هڪ نئين رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گهٽ انساني سرمائي ??ي سيڙپڪاري پاڪستان جي 2047ع ت??ئين هڪ اعليٰ وچولي آمدني وارو ملڪ بڻجڻ جي ڪوششن کي م??دود ڪندو. پاڪستان هيومن ??يپيٽل ريويو موجب جيڪڏهن پاڪستان انساني سرمائي ??ي ترقي ۾ پنهنجي موجوده رستي تي گامزن رهي ٿو ته 2047ع ت??ئين ان جي في ڪس جي ڊي پي م??موعي طور تي رڳو 18 سيڪڙو تائين وڌندي.