اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت ميڊيا ??ي آزادي تي يقين رکي ٿي، ورڪنگ جرنلسٽ جي سيفٽي، ٽريننگ س??يت انهن جا درپيش مسئلا حل ڪيا ويندا. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل مري پريس ڪلب جي وفد سان ڳالهائيندي ڪئي. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته صحافين جي گروپ انشورنس جي لاءِ عملي قدم کڻي رهيا ??هيون. ان کان اڳ صحافين جي پگهارن جي ادائيگي جي حوالي سان اهم ترميمون آنديون پيون وڃن. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير مري پريس ڪلب جي وفد جا مسئلا ڌيان سان ٻڌا. ان موقعي تي هن چيو ته صحافين جي مسئلن کان آگاهه آهيون، ان جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا ??هيون. ملاقات ۾ مري جي سياحتي اه??يت پريس ڪلب ۽ صحافين جي درپيش مسئلن س??يت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وفد ۾ مري پريس ڪلب جي صدر عبدالحميد عباسي، چيئرمين شفقت عباسي، جنرل سيڪريٽري ياسر عباسي ۽ سينيئر ميمبر اويس الحق ۽ ابوذر عباسي شامل هئا.