اسلام آبا?? – 17 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ جمعي ڏينهن ترڪيه ۾ زلزلي کان متاثر علائقن ج?? دورو ڪندو ۽ ترڪيه ۾ آديامان شهر ۾ پاڪستان پاران موڪليل امدادي سامان ج?? جائزو وٺندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان ج?? ريسڪيو ۽ ريليف ٽيمن سان ملاقات ڪندو ۽ جاري ريسڪيو آپريشن ج?? جائزو وٺندو. وزيراعظم آديامان يونيورسٽي ۾ زلزلي سٽيلن سان ملاقات ڪندو ۽ انهن ج?? مدد لاءِ قائم سينٽر جو دورو ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم اتي ترڪ وزيرن ۽ عملدارن سان ملاقات ڪندو جتي انهن کي جاري امدادي سرگرمين تي تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي.