اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گرمين ۾ بجلي جي پهچ جي نظام کي بهتر بڻائ?? ۽ ??وڊ مئنيجمين?? جي مناسب قدمن ۽ حڪمت عملي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ گرمي جي موسم ۾ بجلي جي پهچ ۽ لوڊ مئنيجمين?? جي حوالي سان هڪ اهم جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته گرمين جي موسم ۾ بجلي جي پهچ جي نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ ان حوالي سان لوڊ مئنيجمينٽ جا مناسب قدم کنيا وڃن. هن هدايت ڪئي ته ان تجويز ڪيل حڪمت عملي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏني وڃي ته جيئن گرمي جي اچڻ کان اڳ لاڳاپيل ا??ار?? وٽ هڪ ٺوس ۽ جامع پلان موجود هجي. وزيراعظم چيو ته گرمين جي مهينن خاص طور تي رمضان المبارڪ دوران گهٽ کان گهٽ لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي. وزيراعظم ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته بجلي جي پيداوار جي حوالي سان انرجي مڪس ۾ مقامي ٻار?? ۽ ??تبادل وسيلن جو حصو مسلسل وڌي رهيو آهي جنهن جي ڪري مهانگي درآمدي ٻارڻ تي ??ار??مدار گهٽ ٿي رهيو آهي ۽ درآمدي بل ۾ پڻ خاطرخواهه گهٽتائي اچي رهي آهي. وزيراعظ?? هدايت ڪئي ته حويلي بهادر شاهه پاور پلانٽ کي مڪمل آپريشنل بڻائڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کنيا وڃن. هن پاور ڊويزن، پ??ٽر??ليم ڊويزن ۽ ٻين لاڳاپيل ا??ار?? کي بجلي جي پيداوار ۽ لوڊ مئنيجمين?? جي حوالي سان هم آهنگي ۽ رابطو بهتر بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي بجلي جي پيداوار ۽ لوڊ مئنيجمين?? جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته عوام تي بجلي جي لوڊشيڊنگ جو بار گهٽ کان گهٽ وجهڻ جي لاءِ موثر قدم کنيا پيا وڃن. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي خاص معاون جهازيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.